ملڪ سميت سنڌ ۾ گھر شماري جاري، ڪيترن ئي علائقن ۾ ٽيمون نه پهتيون

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) آدمشماري جي پهرين مرحلي دوران ڪراچي ڊويزن، حيدرآباد ۽ گهوٽڪي ضلعي ۽ سيوهڻ تعلقي سميت ملڪ جي 63 ضلعن ۾  گهر شماري جو اڄ آخري ڏينهن آهي، ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف علائقن ۾ اڄ به ٽيمن جي نه پهچڻ جون شڪايتون ملي رهيون آهن، ڪراچي ڊويزن، حيدرآباد ۽ گهوٽڪي ضلعن توڙي ڄامشوري ضلعي جي سيوهڻ تعلقي ۾ اڄ آخري ڏينهن به گهرن جي ڳڻپ ڪئي پئي وڃي، گهر شماريءَ جي اڄ آخري ڏينهن اڪثر علائقن ۾ شماريات کاتي جون ٽيمون نه پهچي سگهيون آهن، جنهن ڪري ڪيترن ئي علائقن ۾ گهر ڳڻپ کان رهجڻ جو کٽڪو آهي، گهر شماريءَ جو مرحلو ختم ٿيڻ بعد سڀاڻي کان ماڻهن جي ڳڻپ ڪئي ويندي، جيڪا 28 مارچ تائين جاري رهندي، آدمشماري ٽيمن جي سڪيورٽي لاءِ پوليس ۽ رينجرز سان گڏ پاڪ فوج جا جوان به فرض انجام ڏئي رهيا آهن، گهوٽڪي جي امام بارگاهه پاڙي، ڳوٺ قادل شر ۽ ڳوٺ حضور بخش چاچڙ ۾ آدمشماري ٽيمون گهرن جي ڳڻپ کان سواءِ ئي واپس موٽي ويون، ڳوٺاڻن الزام هنيو آهي ته آدم شماري عملي گهرن ۾ مرد موجود نه هئڻ جو جواز ڄاڻائي گهر شماري نه ڪئي، ڪنٽرول روم جي انچارج جو چوڻ آهي ته شڪايتن جي ازالي لاءِ فوري طور هدايتون جاري ڪيون ويون آهن، واضح رهي ته گهرشماري جي پهرين ڏينهن پينسل ذريعي گهرن جي ڳڻپ وارا فارم ڀريا ويا، جنهن جون مختلف علائقن مان شڪايتون اچڻ کان پوءِ انتظاميا حرڪت ۾ اچي وئي هئي.36

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *