حڪومت صحافين جي پيشيوراڻي تربيت جي منصوبي تي ڪم ڪري رهي آهي: مريم اورنگزيب

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): سڌ سماءَ واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته حڪومت صحافين جي پيشيوراڻي تربيت جي منصوبي تي ڪم ڪري رهي آهي، اميد آهي ته صحافين جي تربيتي پروگرام ۾ يورپي يونين سهڪار ڪندو، هن چيو ته پاڪستان يورپي يونين سان لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏيندو آهي، مملڪتي وزير چيو ته وزيراعظم نواز شريف اظهار جي آزادي تي يقين رکي ٿو، جمهوريت، آزاد معاشري لاءِ اظهار جي آزادي اڻٽر آهي، هن چيو ته صحافين يج ڀلائي لاءِ حڪومت ڪيترائي قدم کنيا آهن، پاڪستان جو مثبت رخ اجاگر ڪرڻ لاءِ قومي ثقافت کي اجاگر ڪري رهيا آهيون، هن چيو ته وزيراعظم جي ويزن مطابق تفريحي سرگرمين لاءِ فلم پروڊڪشن جي جامع پاليسي بڻائي رهيا آهيون، معياري پروڊڪشن سان عوام کي سماجي ۽ اقتصادي ترقي کان آگاهي حاصل ٿيندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *