ايف سي جي چيڪ پوسٽ تي حملو، 2 بمبارن سميت 6 دهشتگرد مارجي ويا،3 جوان شهيد

خيبرايجنسي/شبقدر(ويب ڊيسڪ) پاڪ افغان بارڊر تي ايف سي چيڪ پوسٽ تي دهشتگردن جي حملي ۾ 2 جوان شهيد جڏهن ته جوابي فائرنگ ۾ 6 دهشتگرد مارجي ويا. آءِ ايس پي آر موجب پاڪ افغان بارڊر تي دهشتگردن سرحد پار کان ايف سي جي چيڪ پوسٽ تي حملو ڪيو تنهن هوندي پاڪ فوج دشمنن کي منهن ٽوڙ جواب ڏيندي 6 دهشتگردي کي دوزخ ڀيڙو ڪيو. دهشتگردن جي فائرنگ سبب ايف سي جا 2 جوان به شهيد ٿي ويا. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته واقعي کان پوءِ فورسز جو دهشتگردن خلاف سرچ آپريشن به جاري آهي. ٻئي طرف چارسده(ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه جي علائقي شبقدر ۾ ايف سي ٽريننگ سينٽر تي دهشتگردن طرفان آپگهاتي حملي جي ڪوشش ناڪام بڻائيندي سيڪيورٽي فورسز ٻن آپگهاتي بمبارن کي ماري ڇڏيو جڏهن ته هڪ اهلڪار شهيد ۽ 2 زخمي پڻ ٿي پيا. تحصيل شبقدر ۾ مچني جي علائقي عائشه ڪورونا ۾ دهشتگردن ايف سي ٽريننگ سينٽر کي نشانو بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن کي ناڪام بڻايو ويو ۽ فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 2 آپگهاتي بمبار مارجي ويا. فائرنگ دوران ايف سي جو هڪ جواب به شهيد ٿي ويو جڏهن ته 2 زخمي ٿي پيا جن کي طبي امداد جي لاءِ ٽي ايڇ ڪيو شبقدر منتقل ڪيو ويو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *