ملڪ جي مختلف علائقن ۾ زلزلو، هڪ ٻارڙي فوت، 10 کان وڌيڪ زخمي

اسلام آباد/نئين دهلي (اين اين آءِ) آزاد ڪشمير، گلگت بلستان ۽ اسلام آباد سميت ملڪ جي مختلف شهرن ۾ زلزلي جا سخت لوڏا محسوس ڪيا ويا جن جي ريئڪٽر اسڪيل تي شدت 6.2 رڪارڊ ڪئي ويئي زلزلي جي لوڏن سبب شهري خوف وچان گهرن ۽ آفيسن مان ٻاهر نڪري آيا ڪچن گهرن جون ڇتون ۽ ڀتيون ڪرڻ جي واقعي جي نتيجي ۾ هڪ ٻارڙي سميت 10 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿيا تفصيل مطابق اسلام آباد سميت پنجاب بلوچستان خيبرپختونخواهه آزاد ڪشمير گلگت بلتستان جي مختلف حصن ۾ اربع تي 12 لڳي 8 منٽن تي زلزلي جا سخت لوڏا محسوس ڪيا ويا رپورٽ مطابق اسلام آباد لاهور پشاور ايبٽ آباد هريپور پاراچنار مهمند ايجنسي مردان چنيوٽ چارسده ڊي آءِ خان، ٽانڪ لڪي مروت، شانگلا، سوات، منگورا، بنو، بيلا، راولپنڊي، ملتان، بکر، ٽوباٽيڪ سنگهه، حافظ آباد گجرانوالا، ڪماليا سرگوڌا جهلم، فيصل آباد، جهنگ ۽ ڊيرا اسماعيل خان سميت مختلف شهرن ۾ زلزلي جا سخت لوڏا محسوس ڪيا ويا زلزلي جو مرڪز ڪوهه هندوڪش ريجن افغانستان ۽ گهرائي 169 ڪلوميٽر هئي جڏهن ته زلزلو هندو ڪش جي جابلو سلسلي ۾ آيو جنهن جو مرڪز چترال کان 140 ڪلوميٽر اتر اولهه ۾ افغانستان جو علائقي فيض آباد هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *