انساني وسيلن جي ترقي کان سواءِ ڪوبه معاشرو ترقي نٿو ڪري سگهي: وزيراعظم

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته انساني وسيلن جي ترقي کان سواءِ ڪوبه معاشرو ترقي نٿو ڪري سگهي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي وسيلا تعليم جي پروگرام کي 50 ضلعن تائين وڌائڻ اطمينان جوڳو آهي اسان کي ماڻهن کي غربت مان ڪڍڻو پوندو پروگرام موجب ٻارڙن ۾ تعليم کي هٿي وٺرائڻ لاءِ وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي ڪوبه ٻارڙو تعليم کان محروم نه رهڻ گهرجي هو اربع تي هتي بينطير انڪم سپورٽ پروگرام جي انتظام هيٺ وزيراعظم وسيلا تعليم پروگرام کي وڌائڻ واري تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. وزيراعظم شاهد خاقان چيو ته انساني وسيلن جي ترقي کان سواءِ ڪوبه ملڪ ترقي نٿو ڪري سگهي جڏهن ته تعليم دهشتگردي انتهاپسندي سميت ٻين مختلف برائين کان تحفظ فراهم ڪرڻ ۾ به مددگار ثابت ٿئي ٿي هن چيو ته حڪومت سدائين تعليم کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ڪم ڪيو آهي ۽ 18هين ترميم کان پوءِ تعليم صوبائي حڪومت جي ذميواري اهي جڏهن ته وفاقي حڪومت صوبائي حڪومتن جي سهڪار سان ملڪ ۾ تعليمي معيار کي وڌيڪ وڌائيندي هن چيو ته پروگرام موجب 1.9 ملين ٻارڙا اسڪول وڃي رهيا آهن جڏهن ته توسيع پروگرام موجب ملڪ جي 50 ضلعن سان تعلق رکندڙ هڪ ملين ٻارڙن کي اسڪول موڪلکينداسين وزيراعظم چيو ته اسان جو ازم آهي ته سڀني ٻارڙن کي نه صرف تعليم پر معياري تعليم ڏني وڃي هن چيو ته عالمي بئنڪ جي وسيلا تعليم پروگرام لاءِ معاونت واکاڻ جوڳي آهي بي آءِ ايس پي مڪمل طور تي غير سياسي پروگرام آهي جيڪو صوبائي حدن 7 قيد کان به آزاد آهي جنهن ۾ مستحڪ ۽ غريب ماڻهن جي ٻارڙن کي سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن هن چيو ته وسيلا تعليم پروگرام جي ڪاميابي ۽ ان ۾ واڌ جي حوالي سان بي آءِ ايس پي جي چيئرپرسن ماروي ميمڻ جون خدمتون ساراهه جوڳيون آهن هن چيو ته پروگرام موجب ٻارڙن ۾ تعليم کي هٿي وٺرائڻ لاءِ وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ضرورت اهي ۽ اسان کي ماڻهن کي غربت مان ڪڍڻو پوندو جنهن سان معاشري جي ترقي ٿي سگهندي تقريب ۾ شامل بهتر ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ ٻارڙن ۽ عورتن کي مبارڪون ڏيندي چيو ته هي پروگرام اوهان جي خدمت ۽ مدد جي لاءِ آهي ۽ پروگرام کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ اوهان جي حقيقي مدد اها آهي ته اوهان پنهنجن ٻارڙن کي معياري تعليم ڏياريو ۽ والدين تعليم جي اهميت کي سمجهن جنهن جي نتيجي ۾ بي آءِ ايس پي جو وسيلا تعليم پروگرام ۽ ملڪ ٻئي ترقي ڪندا. هن چيو ته اميد آهي ته ايوارڊ وٺندڙ ٻارڙا ۽ انهن جا ڀائر ۽ ڀينر به تعليم حاصل ڪندا وزيراعظم اهو ازم ورجايو ته ڪوبه ٻارڙو تعليم کان محروم نه رهڻ گهرجي ته جيئن هو ملڪ ۽ معاشري تي بار نه بڻجي سگهي هن چيو ته اسان جو دين به تعليم حاصل ڪرڻ تي زور ڏي ٿو ان کان اڳ وزيراعظم سڄي ملڪ جي مختلف ضلعن شهرن ۽ ڏورانهين علائقن سان تعلق رکندڙ ٻارڙن ۾ ايوارڊ ورهايا جيڪي وزيراعظم وسيلا تعليم پروگرام مان فائدو وٺي رهيا آهن تقريب ۾ عالمي بئنڪ جو ڪنٽري ڊائريڪٽر، مختلف ملڪن جا سفير بي آءِ ايس پي جي پارٽنرن سميت سول سوسائٽي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهو ۽ وسيلا تعليم پروگرام مان فائدو وٺڻن ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي هن پروگرام کي ملڪ جي 50 ضلعن تائين وڌايو ويندو ۽ وڌيڪ 10 لک ٻارڙن کي اسڪول ۾ داخل ڪرايو ويندو جڏهن ته پروگرام موجب پهريان 19 لک ٻارڙا فائدو وٺي رهيا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *