وفاقي حڪومت اسان کان سستي بجلي نه پئي خريد ڪري: عمران خان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڪي پي حڪومت ۽ روسي ڪمپني وچ ۾ آئل ريفائنري جي حوالي سان معاهدو ٿي ويو آهي، جڏهن ته صوبي ۾ حڪومتي پارٽي جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته وفاقي حڪومت خيبرپخونخواهه کان سستي بجلي نه پئي خريد ڪري. اسلام آباد ۾ پرويز خٽڪ سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي عمران خان چيو ته ڪي پي حڪومت ۽ روسي ڪمپني آئل اينڊ گئس حيماش اپارات ۽ آرفيوز سان معاهدو ٿي ويو آهي، جنهن تحت روسي ڪمپني هر ڏينهن خيبر پختونخواهه ۾ 20 هزار بيل آئل ريفائن ڪندي ۽ آئل ريفائنري پلانٽ ڪوهاٽ ۾ لڳايو ويندو. هن چيو ته 74 ميگا واٽ بجلي تيار آهي، جيڪا سستي به آهي پر وفاقي حڪومت خريد نه پئي ڪري، شهباز شريف کي هر شئي جي اجازت ملي ويندي آهي پر جنهن ڳالهه ۾ پاڪستان جو فائدو هجي ته ان کي اجازت ناهي ڏني ويندي. سندس چوڻ هو ته ملڪ جو سڀ کان وڏو مسئلو گدلاڻ آهي، جيڪو پنجاب ۾ پاور پلانٽ سان پيدا ٿي رهيو آهي، جڏهن ته پاڻي تي بجلي سڀ کان سستي آهي، ملڪ جي ترقي جو دارومدار ان تي آهي پر ايل اين جي، ڪوئلو يا ڪا ٻي انرجي ڊالر سان حاصل ڪئي ويندي آهي، جيڪو معيشت تي ٻوجهه آهي، ڇو ته ٻاهران شيون گهرائڻ جو مقصد رڳو ڪميشن آهي، جيڪا حڪمران کائي رهيا آهن.27

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *