پاڪستان مالي سال 20-2019 ۾ 12 ارب ڊالر پرڏيهي قرض وٺندو

ڪراچي (اين اين آءِ) پاڪستان مالي سال 20-2019 ۾ آءِ ايم ايف پروگرام تحت 12 ارب ڊالرز جا پرڏيهي قرض وٺڻ جو ارادو ڪري ورتو آهي پر ان لاءِ پهريان ئي ڏهه ڏهائي ست ارب ڊالرز جو قرض ادا ڪرڻ ۽ ناڻي مٽاسٽا جا ذخيرا سگهارا ڪرڻا پوندا عملدارن موجب وفاقي ناڻي جي وزارت ڪاٿو لڳايو آهي ته يورو بانڊ جاري ۽ عالمي ادارن کان قرض جي مد ۾ 12 ڏهائي ٽي ارب ڊالرز ملي سگهن ٿا جڏهن ته ملڪي ضرورتن لاءِ 19 ارب ڊالرز گهرجن جنهن ۾ ناڻي مٽا سٽا جا ذخيرن جي مضبوطي لاءِ واڌو ر5قم ۽ ٽن مهينن جي امپورٽيڊ لاءِ مالي ضرورتون شامل نه آهن حڪومت کي ٻاهريان قرض ادا ڪرڻ لاءِ ڏهه ڏهائي ست ارب ڊالرز ۽ ڪرنٽ اڪائونٽ خساري کي پورو ڪرڻ لاءِ 8 ڏهائي ٽي ارب ڊالرز گهرجن ذريعن موجب ٻه ڏهائي پنج ارب ڊالرز جي ٻاهرين سيڙپڪاري ۽ ادارا خانگائڻ سان ٻه ارب ڊالرز حاصل ٿيندا حڪومت لاءِ اصل چيلينج ناڻي جي مٽاسٽا ذّخيرن کي 13 ارب ڊالرز تائين آڻڻ آهي جيڪي هلندڙ مهيني جي آخر تائين 7 ارب ڊالرز تائين هوندا هن وقت ناڻي مٽاسٽا جا ذخيرا 8 ارب ڊالرز آهن اسٽيٽ بينڪ مالي سال 20-2019 ۾ ناڻي مٽاسٽا جي ذخيرن کي مضبوط رکڻ لاءِ  ڇهه کان ست ارب ڊالرز گهربل آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *