ملڪ  جي تاريخ ۾ ايتري مهانگائي ناهي ٿي جيتري گذريل 15 مهينن ۾ ٿي آهي: بلاول ڀٽو زرداري

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ملڪ  جي تاريخ ۾ ايتري مهانگائي ناهي ٿي جيتري گذريل 15 مهينن ۾ ٿي آهي.لاهور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي بلاول چيو ته حڪومت جي پنهنجي رپورٽ چئي رهي آهي ته مهانگائي وڌي وئي آهي ۽ بيروزگاري جو طوفان آهي. هن چيو ته اقتدار ۾ اچڻ کان اڳ عمران خان چوندو هيو ته حڪمران ڪرپٽ هجي ته مهانگائي وڌندي آهي ۽ عوام ٽيڪس به ناهي ڏيندو. سندس چوڻ هو ته وزيراعظم ٻڌائي ته هن ڪهڙي ڪرپشن ڪئي آهي جنهن سبب مهانگائي ۾ واڌ ٿي رهي آهي ۽ ٽيڪس هدف به حاصل ناهن ٿي رهيا، پ پ چيئرمين هڪ ڀيرو وري عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) سان ٻيهر معاهدو ڪرڻ  جو مطالبو ڪندي چيو ته موجودا حڪمران عوامي نمائندا نه آهن، مسئلا سليڪٽيڊ نه عوامي نمائندن جي حڪومت ئي حل ڪري سگھي ٿي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پيپلز پارٽي به آءِ ايم ايف سان ڊيل ڪئي پر ان ۾ غريب عوام جي معاشي حقن جو خيال رکيو ويو هو. هن چيو ته هن حڪومت 15 مهينن ۾ عوام لاءِ ڇا ڪيو؟ پ پ جي حڪومت پنهنجي پهرين سال ۾ 18 هين ترميم، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام، پينشن ۾ واڌ، پگھارن ۾ واڌ، ليبر ۽ زرعي سڌارن جهڙا انقلابي قدم کنيا ۽ عوام تي بار نه پوڻ ڏنو. سنڌ ۾ صحافي جي قتل جي حوالي سان سندس چوڻ هو ته غدار اهو آهي جنهن کي آئين غدار قرار ڏنو آهي، ڪو صحافي غدار ڪيئن ٿو ٿي سگھي، عزيز ميمڻ قتل ڪيس تي جوڊيشنل ڪميشن جوڙڻ لاءِ تيار آهيون.هڪ سوال جي جواب ۾ بلاول ڀٽو چيو ته حڪومت نااهل ۽ نالائق آهي، شهباز شريف کي واپس اچي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گھرجي جڏهن ته مريم کي لنڊن وڃڻ جي اجازت ملڻ گھرجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *