انتظار جون گهڙيون ختم، پي ايس ايل جو ميلو سجي ويو، انتهائي سخت سيڪيورٽي جا انتظام ڪيا ويا آهن: ناصر حسين شاهه

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سپر ليگ جي پنجين ايڊيشن جو ميلو رنگا رنگ تقريب سان ڪراچي جي نيشنل اسٽيڊيم ۾ شروع ٿي ويو. پي ايس ايل جي ڪراچي ۾ ٿيل پهرين افتتاحي تقريب لاءِ نيشنل اسٽيڊيم کي ڪنوار جيان سينگاريو ويو ۽ شهر قائد جي روڊن کي به جڳهه جڳهه تي پاڪستاني جهنڊي ۽ ملڪي ۽ غير ملڪي رانديگرن جي پوسٽرن کان سجايو ويو. پي ايس ايل جي افتتاحي تقريب ۾ فنڪار راحت فتح علي، سجاد علي، علي عظمت، عارف لوهار، عاصم اظهر، عائمه بيگ، صنم ماروي ۽ هارون سميت 350 فنڪارن پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري شوقينن کي جهومائي ڇڏيو، جنهن بعد ٽورنامينٽ جي شروعات ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز ۽ اسلام آباد يونائيٽيڊ وچ ۾ ميچ ذريعي ٿيندي. ان موقعي تي سموري شهر ۾ سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا. ان حوالي سان ڪمشنر ڪراچي افتخار شلواني چيو ته شهر قائد ۾ پي ايس ايل منعقد ٿيڻ اعزاز جوڳي ڳالهه آهي ۽ ٽورنامينٽ کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ شهر کي ڀرپور طريقي سان سجايو ويو آهي. ان موقعي تي بلدياتي وزير ناصر حسين شاهه چيو ته ڪراچي ۾ پي ايس ايل لاءِ انتهائي سخت سيڪيورٽي جا انتظام ڪيا ويا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *