سپريم ڪورٽ گيس انفرا اسٽرڪچر ڊولپمينٽ سيس (جي آءِ ڊي سي) بابت ڪيس جو فيصلو محفوط ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان گيس انفرا اسٽرڪچر ڊولپمينٽ سيس (جي آءِ ڊي سي) بابت ڪيس جو فيصلو محفوط ڪري ڇڏيو. سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس مشير عالم جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ جي آءِ دي سي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران گيس ڪمپنين جي وڪيل سلمان اڪرم راجا ۽ سي اين جي اسٽيشنن جي مالڪن جي نمائيندگي ڪندڙ سينيئر وڪيل مخدوم علي خان شاهه پيش ٿيو جڏهن ته ايڊيشنل جنرل به دليل ڏنا. ٻڌڻي دوران ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل عدالت کي ٻڌايو ته سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان جي حڪومت طرفان سيس جي حمايت ڪئي وئي جڏهن ته خيبرپختونخواهه جي حڪومت طرفان گيس انفرا اسٽرڪچر ڊولپمينٽ سيس جي مخالفت ڪئي وئي. اينڊينشنل اٽارني جنرل چيو ته خيبرپختونخواهه جي صنعت اڳ ئي پيٺل آهي، ڪي پي ڪي حڪومت چاهي ٿي ته صنعت تي سيس نه لڳايو وڃي. ان تي سلمان اڪرم راجا چيو ته پوري صنعت سان هڪ جهڙو سلوڪ هئڻ گھرجي، عدالت فيصلي ۾ سيس جي قانون کان اڳ وصولي کي به نظر ۾ رکي. ان دوران مخدوم علي خان چيو ته ڀارتي سپريم ڪورٽ اهڙي سيس جي وصولي لاءِ هڪ مخصوص رقم خرچ ڪرڻ جو فيصلو ڏنو، هن دعويٰ ڪئي ته اسان جي صنعت کي ترڪمانستان، افغانستان، پاڪستان ۽ هندستان (تاپي) يا پاڪ ايران گيس پائيپ لائين مان ڪو به فائدو نه آهي. ان کان پوءِ عدالت ڄاڻايل معاملي تي دليل ٻڌڻ بعد فيصلو محفوظ ڪندي چيو ته سڀ وڪيل 15 ڏينهن ۾ پنهنجي پنهنجي رپورٽ جمع ڪرائي سگھن ٿا. عدالت ريمارڪس ڏنا ته محفوظ ٿيل فيصلو مناسب وقت تي ٻڌايو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *