ملڪ اهڙي موڙ تي بيٺو آهي جيڪو نازڪ دور جو ليڪو پار ڪري چڪو آهي: مصطفيٰ ڪمال

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪ سر زمين پارٽي جي سربراهه مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته اڄوڪو ڏينهن تاريخي آهي، جنهن کي تاريخدان سونهري لفظن ۾ لکندا. ڪراچي ۾ جناح باغ ۾ جلسي کي خطاب ڪندي مصطفيٰ ڪمال چيو ته ايندڙ وقت جا ماڻهو پڙهندا ته سندن وڏڙن فرعونن آڏو حق جو آواز بلند ڪيو، هن چيو ته هن چيو ته دنيا ۾ شايد ئي ڪا پارٽي ٺهي هجي،جنهن ٽيهن ڏينهن م لکين ماڻهو گڏ ڪري رڪارڊ جوڙيو آهي. هن چيو ته تاريخ ۾ شايد ئي ڪو اهڙو جلسو ٿيو هجي جو لکين ماڻهن جو جلسو ڪندڙ پارٽي جي جلسي ۾ ان جو جھنڊو نه هجي. هن چيو ته پاڪستان اڄ جنهن دور مان گذري رهيو آهي اهو نازڪ دور وارو ليڪو لتاڙي چڪو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *