ڪراچي ۾ ٻيهر ٽارگيٽ ڪلرن جو راڄ،عورت سوڌو 5 ڄڻا قتل،6 زخمي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) فائرنگ جي مختلف واقعن ۾ عورت سميت 5 ڄڻا مارجي ويا، جڏهن ته 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا.گارڊن ۾ هٿياربندن دڪان تي فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو. ڊفينس فيز 5 ،خيابان بدر ۾ ڪار تي فائرنگ ۾ هڪ عورت مارجي وئي، جڏهن ته هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو.پوليس موجب، مارجي ويل عورت جي سڃاڻپ چاند بي بي طور ٿي وئي آهي.لياري ۾ فائرنگ جي ٻن مختلف واقعن جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو، جڏهن ته گارڊن ۾ پڻ فائرنگ دوران 2 ڄڻا اجل جو شڪار بڻجي ويا.فائرنگ جي واقعي ۾ 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال نيو ويو.ڊفينس فيز ٽو ۽ ملير ٻڪرا پڙي ويجهو فائرنگ ۾ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا.پوليس جو چوڻ آهي ته ملير ۾ فائرنگ جو واقعو ٻن ڌرين ۾ دشمني تان پيش آيو

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *