جماعت اسلامي پاران پهرين مئي کان ڪرپشن خلاف ملڪ گير احتجاج جو اعلان

مردان/ لاهور(اين اين آءِ/م.ڊ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق پهرين مئي کان ڪرپشن خلاف ملڪ گير احتجاج جو اعلان ڪندي چيو آهي ته ملڪ ۾ جمهوريت جي نالي تي دوکو ٿي رهيو آهي. پاڪستان ۾ ماڻهو ٻار وڪرو ڪرڻ تي مجبور آهن، معصوم ٻارڙن کان به پورهيو ڪرايو ويندو آهي. لاهور ۾ جلسي کي خطاب ڪندي جماعت اسلامي جي سربراهه جو چوڻ هو ته اڌ آبادي پيئڻ جي صاف پاڻي کان محروم آهي. 2 ڪروڙ ٻار غربت سبب تعليم کان محروم آهن نوجوابن بيروزگاري جي ڪري ڊگريون ساڙڻ تي مجبور آهن هن چيو ته هي داڻو هتي ٿا چڳن ۽ آنو وري ٻئي ڪٿي ٿا ڏين. 68 سان کان مڪ ۾ احتساب جي نالي تي دوکو ٿي رهيو آهي. پهرين مئي کان ملڪ گير احتجاج ڪيو ويندو.002جماعت اسلام جي امير سراج الحق چيو آهي ته جماعت اسلامي عدالتي ڪميشن لاءِ حڪومتي ضابطڪار کي رد ڪري ٿي، هن چيو ته اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه جاچ ڪميشن لاءِ پاڻ چيف جسٽس کي خط لکي ۽ ڪميشن جو ضابطڪار گڏيل صلاح مشوري سان بڻايو وڃي، مردان کان لاهور روانگي کان اڳ ميڊيا سان ڳالهائيندي سراج الحق چيو ته هو اعتراف ڪري ٿو ته اپوزيشن ۾ به ڪرپٽ عنصر موجود آهن پر پاناما ليڪس تي وزيراعظم ۽ ان جي خاندان تي لڳايل الزمن جي جاچ ڪرائي وڃي. هن چيو ته هن اهم موڙ تي اپوزيشن پاڻ کي ورهائڻ کان بچائي، وقت اچي ويو آهي ته سياسي جماعتون پنهنجن صفن ۾ موجود ڪرپٽ عنصرن کي ٻاهر ڪڍن. سراج الحق جو چوڻ هو ته جماعت اسلامي اقتدار ۾ اچي ڦر لٽ ڪيل دولت جو حساب وٺندي ۽ اسان چوراهن ۽ چوڪن تي ڦر لٽ ڪندڙن جو احتساب ڪنداسين. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته عوام کي به ڪرپٽ سياسي عنصرن جو سماجي بائيڪاٽ ڪرڻ گهرجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *