مفرور جوابدار گرفتار نه ٿيا، سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران جوابدارن جي گرفتار نه ٿيڻ تي ڳڻتي ۽ ڏوهن جي واڌاري جو مک سبب ڀاڳيلا قرار

ڪراچي ( م.ڊ) سنڌ ۾ مفرور جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيا، سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران جوابدارن جي گرفتار نه ٿيڻ تي ڳڻتي ۽ ڏوهن جي واڌاري جو مک سبب ڀاڳيلا قرار، ان ڏس ۾ جسٽس صلاح الدين پنهور آڏو پوليس اي ڪلاس ڪيل /ڏسو صفحو 2بقايا نمبر 14

ڪيسن جي باري تفصيل پيش ڪيا، عدالت کي ٻڌايو ويو ته سڄي سنڌ ۾ 75 هزار 267 ڪيس اي ڪلاس ٿيل آهن، جن مان ڪراچي سٽي ۾ 25 هزار 205، حيدر آباد ريجن ۾ 3 هزار 16 ۽ سکر ريجن ۾ 14 سو 47 سنگين ڪيسز آهن، رپورٽ موجب ڪراچي ۾ 2009 ع کان 2018ع تائين قتل جا 4 هزار 998، ڦر دوران مزاحمت تي قتل جا 216 ، ڌاڙي ۽ ڦر جا 15 هزار 169 ۽ ڀنگ لاءِ اغوا جا 4 هزار 8 سو 22 ڪيس اي ڪلاس ڪيا ويا آهن، انهن ڪيسن ۾ ڪو به جوابدار گرفتار ناهي، جڏهن جوابدار گرفتار ٿيا ته ان خلاف ڪيس کوليو ويندو، اهڙي طرح سان حيدرآباد ريجن ۾ 3 هزار 16 سنگين ڪيس اي ڪلاس ٿيل آهن، جن مان 477 قتل، ڦر دوران مزاحمت جا 42 قتل ڪيس، ڌاڙي ۽ ڦر جا 2 هزار 480 ۽ ڀنگ خاطر اغوا جا 17 ڪيس اي ڪلاس ڪيا ويا آهن هوڏانهن سکر ريجن ۾ 1447 ڪيسز آهن، جن مان قتل جا 372 ڪيس، ڦر دوران مزاحمت تي قتل جا 7 ڪيس ، ڌاڙي ۽ ڦر جا 1046 ڪيس اي ڪلاس ٿيل آهن، جڏهن سکر ۾ ڀنگ لاءِ اغوا جا 22 ڪيس اي ڪلاس ڪيا ويا آهن. عدالت جاري ٿيل تفصيلي حڪم نامي ۾ آبزرويشن ڏني آهي ته ڪراچي ۾ رينجرز، پوليس سميت ٻيا ادارا متحرڪ آهن، انهي باوجودڪيس جي فرار ٿيل جوابدارن جو نامعلوم هئڻ ۽ گرفتار نه ٿيڻ ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي، عدالت چيو ته جوابدارن جي گرفتار نه ٿيڻ سان ڏوهن ۾ اضافو ٿئي ٿو، عوام جو ڪيس داخل ڪرائڻ تان به اعتبار کڄي وڃي ٿو، جوابدارن جي گرفتار نه ٿيڻ سبب معاشري ۾ خوف واري فضا پيدا ٿي رهي آهي، اهڙي صورتحال ۾ ماڻهو ڪيس داخل ڪرائڻ کي ئي فضول سمجهن ٿا، اها صورتحال عوام کي ڏوهارين جي رحم ڪرم تي ڇڏڻ جي برابر آهي، جيڪڏهن حالتون ائين ئي رهيون ته ڪراچي ميٽروپوليٽن سٽي جهنگ جي مثل هوندو. عدالت چيو ته هزارن جي انگ ۾ مفرور جوابدارن جي گرفتاري لاءِ جنگي بنيادن تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. ان موقعي تي عدالتي معاون عباد حسنين چيو ته مفرور جوابدارن جي گرفتاري لاءِ رينجرز کان مدد ورتي وڃي، رينجرز جو ڪردار امن و امان بحال ڪرڻ آهي رينجرز کان گرفتارين ۽ جاچ بابت ميڪينزم طلب ڪيو وڃي. جڏهن ته سمورن ضلعي ججن کي گرفتار نه ٿيل جوابدارن بابت رپورٽ موڪلي وڃي. عدالتي معاون وڌيڪ چيو ته صوبي جا جوڊيشل مئجسٽريٽ اهڙن ڪيسن جي نگراني ڪري سمورن اي ڪلاس ڪيسن جو رڪارڊ گڏ ڪرائين. جوبدارن جي گرفتاري لاءِ سي سي ٽي وي فوٽيجز جو استعمال موثر بڻايو وڃي. عدالت درخواستگذار مرتضيٰ علي ۽ سندس خاندان کي تحفظ فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي 4 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. واضح رهي ته مرتضيٰ علي قتل جي ارادي واري ڪيس ۾ مفرور جوابدارن جي گرفتاري لاءِ عدالت ۾ درخواست داخل ڪئي هئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *