نواز شريف کي ڍر ڏينداسين ته سڀاڻي زرداري به تيار ٿي ويندو: فواد چوڌري

اسلام آباد (اين اين آءِ) وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته نوازشريف کي ٻاهر موڪلڻ جو فيصلو وزيراعظم کي پسند نه آهي فواد چوڌري چيو ته ڪابينه اجلاس ۾ نوازشريف جي اي سي ايل جي معاملي تي تفصيلي بحث ڪيو ويو /ڏسو صفحو 3 بقايا نمبر 06

نوازشريف فئملي ماضي ۾ ايترو ڪوڙ ڳالهايو آهي جو هاڻي جيڪڏهن اها سچ ڳالهائي رهي آهي ته يقين ڪرڻ ڏکيو آهي هن چيو ته نوازشريف جون جيڪي ٽيسٽون ٿيڻيون آهن اهي پاڪستان ۾ نٿيون ٿي سگهن ان لاءِ کيس ٻاهر موڪلڻ جو فيصلو ڪيو ويو فواد چوڌري چيو ته نوازشريف کي مشروط طور تي ٻاهر وڃڻ جي اجازت ڏني ويئي آهي ته جيئن اهو به پنهنجن پٽن ۽ اسحاق ڊار وانگر ٻاهر نه رهجي وڃي پاناما پيپرز ۾ به نوازشريف فئملي جو نالو موجود هو ۽ ان تي ڊگهي عدالتي جنگ ٿي جنهن کان پوءِ ٽرائيل هليو ۽ سزا ٿي ۽ هو سزا مليل آهي جنهن جي ڪري قانوني مونجهارا موجود آهن هن چيو ته جيڪڏهن نوازشريف واپس نه آيو ته سڀاڻي اهو سوال به اٿندو ته نوازشريف کي حڪومت ٻاهر موڪليو هو ملڪ جا لٽيل پئسا هن قوم جا آهن جيڪي نوازشريف کان واپس ڪرڻا آهن فواد چوڌري چيو ته نوازشريف کي ٻاهر موڪلڻ جي حوالي سان جيڪا گارنٽي وٺڻ جي ڳالهه ڪئي ويئي آهي ان تي ڳالهه ٻولهه ٿي رهي آهي ته ڪهڙي طرح ۽ ڪيتري گارنٽي ورتي وڃي اصل معاملو نوازشريف کان پئسا اڳاڙڻ جو آهي ۽ جيڪڏهن پئسا ڏيئي پلي بارگين ۾ هليو وڃي ته معاملو ٻيو ٿي وڃي ها هن چيو ته نوازشريف جيل ۾ رهڻ تي راضي آهي پر پئسا ڏيڻ لاءِ تيار نه آهي. سياسي اڳواڻ پهريان پڪڙيا وڃن ٿا ۽ پوءِ بيمار ٿين ٿا وفاقي وزير چيو ته سياسي صورتحال جو به دٻاءُ هوندو آهي ۽ آزادي مارچ وارن سان به ڳالهيون جاري آهن ۽ ڪوشش آهي ته معاملي جو حل نڪري اچي.وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته شهبازشريف، مريم نواز، خواجه آصف نوازشريف جي ڪرسي سنڀالڻ جي ڊوڙ ۾ آهن هي ماڻهو نوازشريف کي سيڪيورٽي بانڊ ڏيڻ ڏين نوازشريف واپس ايندو ته پئسا واپس ملي ويندا نوازشريف جي صحت تي سياست نه ڪن ته نوازشريف کي شڪ کان سواءِ وڃڻ ڏنو ويندو ته سڀاڻي آصف زرداري ۽ خورشيد شاهه به ٻاهر وڃڻ لاءِچوندا مولانا فضل الرحمان جي ڌرڻي ۾ روز نوان لطيفا ٻڌڻ ۾ اچن ٿا فضل الرحمان جتي جتي نڪرڻ چاهي ٿو نڪري اسان ڏسڻ لاءِ ويٺا آهيون اربع تي وفاقي وزير فواد چوڌري پهرين آرٽيفيشل انٽيليجنس سمٽ کي خطاب ڪندي چيو ته دنيا جي اسلامي ملڪن جو ڌيان پاڪستان ڏانهن هو هن چيو ته 1952 ۾ پاڪستان ۾ پي سي آءِ آر بڻايو ويو پي سي آءِ ايس آر دنيا جو بهتري ادارو بڻجي ويو هو هن چيو ته پاڪستان سوويت يونين ۽ يو ايس اي کان پوءِ پهريون راڪيٽ رهبر خلا ۾ موڪليندڙ ملڪ هو هن چيو ته افغانستان جي جنگ ۾ وڃڻ جي اسان کان غلطي ٿي جنگ ۾ نه وڃون ها ته اسان ٽيڪنالوجي ۾ اڳيان هجون ها هن چيو ته پاڪستان فائنر آپٽيڪ شروع ڪندڙ پهريون ملڪ هو هن چيو ته ماضِ ۾ سويلين ۽ ڊفينس سيڪٽر ڌار ڌار ٽيڪنالوجي تي ڪم ڪندا رهيا هن چيو ته ايس پي ڊي ۽ ايئرفورس جي ٽيڪنالوجي کي اسان سويلين سيڪٽر ۾ استعمال نٿا ڪري سگهون هن چيو ته جنرل باجوا ان معاملي ۾ کلي دل جو مالڪ آهي هن چيو ته اسان ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته ڊفينس ۾ استعمال ٿيندڙ ٽيڪنالوجي کي سويلين سيڪٽر ۾ استعمال ڪيو وڃي هن چيو ته ايندڙ سال ٽيڪنالوجي جو 50 سيڪڙو بجيٽ وڌائينداسين هن چيوت ه اسان جي سول سيڪٽر ۾ ريسرچ ڪوآرڊينيٽيڊ نه آهي هن چيو ته اسان جي ريسرچ اندشٽري سان ڳنڍيل نه آهي نادره 22 ڪروڙ مانهن جو ڊيٽا گڏ ڪيو هن چيو ته اسان 140 ملين موبائيل فون جو فنڪر پرنٽ ڊيٽا حاصل ڪيو پر اسان ان ڊيٽا کي استعمال ڪري نه سگهياسين سٽيزن پورٽل به ڊيٽا جي استعمال سان هلي رهيو آهي هن چيو ته چائنا ٽيڪنالوجي ۽ ڊيٽا جي استعمال ۾ گهڻو اڳتي وڃي چڪو آهي چائنا ۾ ٽرين تي بچيل کاڌو هيٺ اڇلائڻ تي ٽڪيٽ ڊبل ڪئي وڃي ٿي ميڊيا سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته ڪابينه ۾ گذريل ڏينهن ڊگهي ميٽنگ ٿي نوازشريف جي صحت جي حوالي سان وزيراعطم جي سمورن معاملن تي عقابي نظر آهي انساني بنياد تي ڪابينه معاملي جو جائزو ورتوآهي ڪابينه نوازشريف کي انساني بنيادن تي ٻاهر وڃڻ جي اجازت ڏني آهي. هن چيو ته 3000 قيدين جيل مان نڪرڻ جون درخواستون داخل ڪيون آهن فواد چوڌري چيو ته عدالت اي سي ايل مان ڪڍي ڇڏي ته اسان جو ڪوبه مسئلو نه آهي هن چيو ته هاڻي سموري ذميواري اسان تي وڌي ويئي آهي مسلم ليگ (ن) جي ساک متاثر ٿي رهي آهي فواد چوڌري چيو ته اسان پاران ڪابه دير نه آهي مسلم ليگ (ن) پاران دير ٿي رهي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *