خان صاحب! اڃا منجهند جو وقت آهي شام ۾ ته اوهان جو پاڇو به اوهان جو ساٿ نه ڏيندو: مولابخش چانڊيو

حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري سينيٽر مولا بخش چانڊيو چيو آهي ته خان صاحب! اڃا منجهند جو وقت آهي شام ۾ ته اوهان جو /ڏسو صفحو 3 بقايا نمبر 15

پاڇو به اوهان جو ساٿ نه ڏيندو. پ پ اڳواڻ وزيراعظم عمران خان کي مشهورو ڏنو ته ”عمران وڏا ٿيو وڏا“، اوهان جي روح ۾ سنڌ دشمني وسي رهي.  هن چيو ته اوهان ايم ڪيو ايم جو متبادل بڻجڻ چاهيو ٿا پر اوهان اهو به نٿا بڻجي سگھو. خانگي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي پ پ جي سينيٽر مولا بخش چانڊئي چيو ته ته جنهن رخ ۾ حالتون محسوس ڪري رهيو آهيان دعا ڪيان ٿو ائين نه ٿئي ۽ نه ئي اُها ڪيفيت پيدا ٿئي، پاڪستان جي سلامتي لاءِ قرباني ڏيڻ ڄاڻيون ٿا. مولا بخش چانڊئي واضح ڪيو ته پاڪستان کي رڳو سياسي استحڪام بچائيندو. پاڪستان جي سلامتي سياسي استحڪام سان سلهاڙيل آهي. سينيٽر موجوده حڪومت ۽ ان جي طريقيڪار کي بدنصيبي قرار ڏيندي چيو ته ملڪ تي پاڪستان پرست حڪمران حڪومت ناهي ڪري رهي ائين لڳي ٿو ته ڄڻ ذاتي ڪاوڙ وارا حڪمران آهن جن کي مفاهمت بدران وحشين جيان وڙهڻ ايندو آهي. سندس چوڻ هو ته ميان نواز شريف جي صحت انتهائي ڳڻتي جوڳي آهي ۽ اهو ئي سبب آهي جو حڪومت مجبور ٿي آهي. هن چيو ته آصف زرداري کي حڪومتي علاج مان فائدو ناهي ٿي رهيو. سندس حالت اها آهي جو پراسيڪيوشن به چئي ڇڏيو آهي ته آصف زرداري جي طبيعت اهڙي ناهي جو هو پيشي تي اچي سگھي. هن چيو ته آصف زرداري جي ٻارن کي به هن سان ملڻ نه پيو ڏنو وڃي. هن جي ڀيڻ سان جيڪو رويو اپنايو ويو آهي اهو مذمت جوڳو آهي، حڪومت سياسي مخالفن سان جيڪو رويو اپنائي رهي آهي ان کي سٺي نظر سان نه پيو ڏٺو وڃي. حڪومت پنهنجون ذميواريون پوريون ناهي ڪري رهي. هن چيو ته موجوده حڪومت جا ٻه وڏا ڪارناما آهن. پهريان ادارن کي تڪراري بڻائڻ ۽ ٻيو سياسي مخالفن کي گار ڏيڻ. سندس چوڻ هو ته ڪيسن جا ثبوت ناهن پر ريمانڊ مٿان ريمانڊ آهي.  مولا بخش چانڊيو چيو ته آصف زرداري جي صحت تي ڌيان نه پيو ڏنو وڃي جنهن تي مون کي يقين ٿي ويو آهي ته اها سياسي ۽ جمهوري حڪومت نه آهي. ڀلي هو مديني جي رياست جو نالو وٺن ان سان ڪو به فرق نٿو پوي ڇو ته يزيد به ته اسلام جو نالو استعمال ڪندو هو. پ پ اڳواڻ چيو ته نواز شريف سان اوهان جي دشمني آهي پر جيڪڏهن هن جي نياڻي سان نرم ۽ انصاف تي ٻڌل رويو رکيو وڃي ته بهتر آهي. ياد رکو! عمران خان کي عزت ملندي ته پارليامينٽ مان ملندي، ڪبوترن جيان آمريڪا ۾ ڳالهائن سان ڪو به فرق نٿو پوي.

 

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *