پاڪستان، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان کي اڻٽـُٽ حصو قرار ڏيڻ واري ڀارتي دعويٰ رد ڪري ڇڏي

اسلام آباد (بيورو) پاڪستان، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان کي اڻٽـُٽ حصو قرار ڏيڻ واري ڀارتي دعويٰ رد ڪري ڇڏي، پرڏيهي ترجمان قاضي خليل الله جو چوڻ آهي ته ڀارت ڄمون ڪشمير تي غير قانوني قبضو ڪيو آهي، ڪشميري عوام تي ڀارتي ظلم گڏيل قومن جي ٺهرائن جي کــُليل ڀڃڪڙي آهي. پرڏيهي کاتي جي ترجمان قاضي خليل الله اسلام آباد ۾ صحافين کي بريفنگ ڏيندي چيو ته ڀارت ڄمون ڪشمير تي غير قانوني قبضو ڄمائي ڇڏيو آهي. هن چيو ته گلگت بلتستان ۽ والاريل ڄمون ڪشمير بابت ڀارتي پرڏيهي وزارت جو بيان هـُو رد ڪن ٿا جڏهن ته ڪشمير عالمي سطح تي هڪ تسليم ٿيل تڪراري علائقو آهي. هن چيو ته ڀارت ڪشمير تي 70 هزار فوجي مقررڪري غير قانوني قبضو ڪيو آهي ۽ ڀارتي فوجي ڪشمير ۾ مظلوم عوام تي ظلم ڪري رهيا آهن جيڪا گڏيل قومن جي ٺهرائن جي کــُليل ڀڃڪڙي آهي. پرڏيهي ترجمان چيو ته گلگت بلتستان جي چونڊن تي ڀارتي بيان پاڪستان جي اندروني معاملن ۾ مداخلت آهي جڏهن ته ڪشمير جي مستقبل جو فيصلو گڏيل قومن تحت گهـُرجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *