معاشري جو هر فرد دل سان تسليم ڪري ته قسمت جو فيصلو صرف ئي صرف ووٽ جي ذريعي ئي ٿي سگھي ٿو : پاڪستان جو صدر

اسلام آباد (اين اين آءِ) پاڪستان جي صدر ممنون حسين  چيو آهي ته معاشري جو هرفرد دل سان تسليم ڪري ان جو قسمت جوفيصلو صرف ئي صرف ووٽ جي ذريعي ئي ٿي سگھي ٿو ان لاءِ ضروري آهي چونڊن نظام کي فعال ۽ تيز رفتار ۽ شفاف بڻائڻ سميت ٻارڙن جي ذهن ۾ به ننڍي عمر کان ئي ووٽ جو وقار سمجھائڻ گھرجي. ان مقصد جي لاءِ جيڪڏهن تعيلمي نصاب مان مدد وٺڻ جي ضرورت هجي ته اها به ورتي وڃي، ۽ معاشرتي سطح تي جن قدمن جي ضرورت پوي ته اهي به کنيا وڃن، هن اها ڳالهه ووٽن جي قومي  ڏينهن  جي حوالي سان يوان صدر ۾  هڪ تقريب کي خطاب ڪندي ڪئي، تقريب ۾ وفاقي گھرو وزير ۽ چيف اليڪشن ڪميشن به موجود هئا، صدر چيو ته اڄ اسان عورتن جو قومي ڏينهن ان  سٺي خبر سان ملهائي رهيا آهيون ته اسانجو اليڪٽوريل نظام جديد دور ۾ داخل ٿي ويو آهي هن چيو ته موبائيل فون ايپليڪيشن جي افتتاح کانپوءِ پاڪستان جو هر ووٽر ان جي مدد سان پنهنجي ووت بابت تفصيل  سان آگاهه ٿي سگھندو. چونڊن  نظام ۾ وڌيڪ سڌارو تيز رفتاري ۽ شفافيت جي لاءَ بائيوميٽرڪ ۽ اليڪٽوريل ووٽنگ جھڙا تجربا به ٿي چڪا آهن جيڪي هن شعبي کي جديد گھرجن سان هم آهنگ ڪري ڇڏيندا. هن چيو ته چونڊ نظام جا ٽيڪنيڪي معاملا اهم آهن جن کي بهتر  ڪرڻ لاءِ انهي فڪر ۽ سخت محنت جي ضرورت آهي.  هن چيو ته ٺوس قدمن جو هڪ مطلب اهو به آهي ته اسانجي ذهنن ۾ ووٽ جو حرمت ۽ تقدس آندو وڃِ . اليڪشن ڪميشن پاران هر سال قومي ووٽر ڊي ملهائڻ جوقدم ان سلسلي جي ڪڙي آهي.  صدر ممنون حسين وڌيڪ چيو ته اليڪشن ڪميشن جي قدمن سان خبر پوي  ٿي ته هو چونڊن عمل کي بهتر بڻائڻ لاءِ سول سوسائيٽي سميت رياست جي ٻين ادارن کان به مدد حآصل ڪري رهيو آهي اها سٺي ڳالهه آهي پر ڪڏهن ڪڏهن انگ اکر ۽ ڪاغذن تي نظر ايندڙ اڳڀرائي زميني حقيقتن سان ملندڙ جلندڙ ناهي هوندي. هن چيوته چونڊ قانونن جي بهتري هڪ مسلسل عمل آهي جنهن ۾ پارليمينٽ، سياسي جماعتون، ٿنڪ ٽينڪ ۽ ٻيا معاشري ادارا اهم ڪردار ڪن ٿا. تقريب کي چيف اليڪشن ڪميشن ۽ سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن پڻ خطاب ڪيو

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *