وزيراعظم ماس ٽرانزٽ اٿارٽي جي قيام جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ڪيپيٽل ماس ٽرانزٽ اٿارٽي جي قيام جي اصولي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اهڙو فيصلو وزيراعظم جي صدارت هيٺ اسلام آباد ۾ ٿيل ميٽرو بس پروجيڪٽ بابت اجلاس ۾ ڪيو ويو. ڪيپٽل ماس ٽرانزٽ اٿارٽي جي قيام جو مقصد اسلام آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ ۽ جاڙن شهرن جي مرڪزي رهائشي علائقن وچ ۾ هلندڙ ميٽرو بس سروس جي منصوبابندي، آپريشن ۽ سار سنڀال ڪرڻ آهي. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي واسطيدار عملدارن کي هدايت ڪئي ته ان بابت ضروري قانون جوڙيو وڃي ۽ پنجاب ماس ٽرانزٽ اٿارٽي جي مثال تي به غور ڪيو وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *