ڪنهن کي گهر موڪلڻو آهي ته ووٽ سان موڪليو نعرن سان نه: مريم اورنگزيب

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سڌُ سماءَ واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب جو چوڻ آهي ته پاڪستان ووٽ جي طاقت سان ئي اڳتي ويندو ڪنهن کي گهر موڪلڻو آهي ته ووٽ سان موڪليو نعرن سان نه، ووٽ ئي پاڪستان کي آئين ڏنو آهي. اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو ته پاڪستان چيني ماڻهن جو ٻيو گهر آهي پاڪستاني به چين کي ٻيو گهر سمجهندا آهن، پاڪستان ۽ چين جا لاڳاپا تاريخي ۽ اهميت تي ٻڌل آهن چين پاڪستان جي زندگي جي هر وڏي شعبي ۾ ساٿ ڏنو، جڏهن پوئتي وڃي رهيا هياسين ته چين پاڪستان جو ساٿ ڏنو، سي پيڪ سان پاڪستان جو سلهاڙيل آهي. هن چيو ته پاڪستان امن پسند ملڪ آهي تنهن هوندي اسان جيئن دهشتگردي جو مقابلو ڪيو ان جو مثال ڪٿي به نٿو ملي، دهشتگردي نه رڳو لاڻهن کي پر ثقافت کي به ماريو. وفاقي وزير جو چوڻ هو ته پاڪستان ۾ جمهوريت تقويت ملي رهي آهي جمهوري عمل جو تسلسل اڳتي وڌي رهيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *