مشهور رسالي ٽائم پاڪستاني وزيراعظم عمران خان کي ماحوليات جي ترجماني ڪندڙ دنيا جي 5 شخصيتن ۾ شامل ڪري ورتو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) مشهور رسالي ٽائم پاڪستاني وزيراعظم عمران خان کي ماحوليات جي ترجماني ڪندڙ دنيا جي 5 شخصيتن ۾ شامل ڪري ورتو. ماحولياتي تبديلين بابت آواز اٿارڻ تي وزيراعظم عمران خان کي عالمي سطح تي سٺي موٽ ملي رهي آهي ۽ ٽائم ميگزين عمران خان کي ماحوليات جي ترجماني ڪندڙ دنيا جي 5 شخصيتن ۾ شامل ڪندي سندس تصوير ٽائيٽل پيج تي لڳائي ڇڏي آهي. عالمي اقتصادي فورم جي سهڪار سان عالمي رسالي عمران خان سان گڏ جرمن چانسلر انجيلا مرڪل، مائڪرو سافٽ جي باني بل گيٽس، يورپ جي مرڪزي بئنڪ جي صدر ڪرسٽين ليگارڊ ۽ ايمازون جي مالڪ جيف بيزوس جون تصويرون ڇاپيون آهن. واضح رهي ته وزيراعظم عمران خان 22 جنوري تي عالمي اقتصادي فورم ۾ خاص تقرير ڪندو ۽ ماحولياتي تبديلي جي مسئلي تي اجاڳر ڪندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *