صدر پاڪستان عارف علوي جو اين آئي سي وي ڊي جو دورو، معياري علاج جي تعريف، مريضن سان به ملاقات

ڪراچي(پ.ر) صدر پاڪستان ڊاڪٽر عارف علوي جو گهر واري سميت  اين آئي سي وي ڊي جو دورو، معياري علاج جي تعريف، مريضن سان به ملاقات، تفصيل موجب: صدر پاڪستان ڊاڪٽر عارف علوي پنهنجي گهر واري ثمينه علوي سان گڏ دل جي مرض جي قومي اداري جو دورو ڪيو، اين آئي سي وي ڊي پهچڻ تي صدر ڊاڪٽر عارف علوي جو اين آئي سي وي ڊي جي ايگزيڪٽو ڊائريڪٽر پروفيسر نديم قمر، ايگزيڪٽو ايڊمنسٽريٽر ڊاڪٽر حميد الله ملڪ، سي او او عذره مقصود ۽ مئنيجمنٽ ڪنسلٽنٽ حيدر آعواڻ استقبال ڪيو، صدر ڊاڪٽر عارف علوي اين آئي سي وي ڊي جي مختلف شعبن ايمرجنسي، ايڪو، ڪيٿهه ليب ۽ مردن ۽ عورتن جي واردن جو دورو ڪيو، جتي ان کي اين آئي سي وي ڊي جي ايگزيڪٽو ڊائريڪٽر پروفيسر نديم قمر ان کي مريضن کي ڏني ويندڙ سهولتن بابت بريفنگ ڏني، صدر دوري دوران اسپتال ۾ داخل مريضن سان ڳالهه ٻولهه پڻ ڪئي،  ان موقعي تي صدر ڊاڪٽر عارف علوي جو چوڻ هو ته اين آئي سي وي ڊي م پوري ملڪ مان ايندڙ مريضن کي دل جي مرض جو جديد علاج مفت فراهم ڪيو وڃي ٿو، هن چيو ته اين آئي سي وي ڊي طرفان فراهم ڪيون ويندڙ خدمتون تعريف جي قابل  اهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *