عارف علوي جو ڪم اسپتالن جا دورا ڪرڻ ناهي. سنڌ حڪومت تي الزام هڻي وفاقي وزيرن غير ذميواري جو مظاهرو ڪيو: سعيد غني

ڪراچي (اين اين آء) سنڌ جي اطلاعات ۽ محنت واري صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته ملڪ ۾ اٽي جي بحران سان ماڻهو پريشان آهن. وفاقي وزيرن غير ذميوراي جو مظاهرو ڪيو ۽ سنڌ حڪومت کي ذميوار قرار ڏنو جڏهن ته حقيق اها آهي ته سنڌ کي چار لک ٽن ڪڻڪ کڻڻي هئي جيڪا هڪ لک ٽن ملي باقي ٽي لک ٽن ٻين صوبن کان کڻڻي هئي ڏهن ڏينهن تائين ٽرانسپورٽ جي هڙتال رهي پر هاڻي ڪڻڪ پهچڻ شروع ٿي وئي آهي ۽ سوا لک بيگ پهچي چڪا آهن ان شاالله جلد سنڌ ۾ اٽي جو بحران ختم ڪري ڇڏينداسين.اهڙن خيالن جو اظهار هن ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو.صوبائي وزير وڌيڪ چيو ته پنجاب ۾ اٽي جو بحران بد انتظامي ۽ نالائقي جي ڪري ٿيو ڪي پي ۾ ڪڻڪ فيڊ ملز کي ڏني وئي لڳي ٿو ته انسانن کان وڌيڪ مرغيون اهم آهن سنڌ ۾ اگر اسان ذميوار آهيون ته باقي صوبن ۾ اهي ذميوار آهن ان لاءِ اهي به استيفيٰ ڏين.سعيد غني چيو ته هڪ پاسي نومبر ڊسمبر ۾ ماني وڌيڪ کائڻ جو بيان ڏنو ويو لڳي ٿو ان مهينن ۾ هو پاڻ وڌيڪ کائيندا هوندا اٽي جو بحران بد انتظامي سان پيدا ٿيو آهي  اسان جي صدر مملڪت کي اٽي جي بحران جي خبر ئي ناهي صدر مملڪت جو ڪم اسپتالن جو دورو ڪرڻ ناهي بلڪي عوام جي ڏک ۽ سور کي سمجهڻ آهي صوبائي وزير چيو ته ڪراچي جا وڏا اسپتال اسان بهتر بڻايا آهن جنهن کانپوءِ ٻين صوبن جا ماڻهو به هتي علاج ڪرائيندا آهن. وفاق جي ڪجهه آفيسرن به اسپتالن جو دورو ڪيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته پي ٽي آئي جي سليڪٽيڊ حڪومت سوچيل سمجهيل منصوبي جي تحت سنڌ حڪومت لاءِ مشڪلون پيدا ڪري رهي آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ صوبائي وزير چيو ته آئي جي سنڌ جي مسئلي تي ڪو به ڊيڊ لاڪ ناهي اڄ يا سڀاڻي فيصلو ٿي ويندو آئي جي بابت اسان جا خدشا صحيح ثابت ٿي رهيا آهن ان لاءِ پي ٽي آئي جي ڪجهه ماڻهن جو شور ڪرڻ سمجهه ۾ اچي رهيو آهي هاڻي ته ڪليم امام جي ڪيريئر تي به سواليه نشان آهي ڏسون ٿا ته ڪهڙو صوبو ان کي پنهنجي صوبي ۾ لڳڻ ڏئي ٿو هن چيو ته جنهن وزير ڪابينا اجلاس ۾ پوليس آفيسرن خلاف شڪايت ڪئي ان خلاف من گهڙت رپورٽس بڻائي وئي. پنجاب ۾ پي ٽي آ.ئي حڪومت ايندي ئي بلدياتي نظام ختم ڪري ڇڏيو ايڊمنسٽريٽرز جي ذريعي بلدياتي ادارا هلايا پيا وڃن سنڌ ۾ ته بلدياتي نظام موجود آهي ته ڪهڙي منهن سان سنڌ تي تنقيد ڪئي پئي وڃي صوبائي وزير وڌيڪ چيو ته ايم ڪيو ايم ۽ پي ٽي آئي جي دوستي وڌيڪ دير تائين نه هلندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *