مشهور اداڪار، ڪمپيئر ۽ قومي اسيمبلي جو اڳوڻو ميمبر طارق عزيز لاڏاڻو ڪري ويو

لاهور (م.ڊ) ٽي وي جو مشهور اينڪر ۽ ڪمپيئر طارق عزيز لاڏاڻو ڪري ويو. رپورٽ موجب طارق عزيز گذريل ڪجهه وقت کان بيمار هو ۽ اڄ 84 سالن جي عمر ۾ هو فوت ٿي ويو. طارق عزيز 1936ع ۾ جالندهر ۾ پيدا ٿيو هو. پاڪستان جي آزاد ٿيڻ کان پوءِ هو پنهنجي خاندان سان گڏ پاڪستان آيو هن شروعاتي تعليم ساهيوال ۾ حاصل ڪئي. هن ريڊيو پاڪستان لاهور ۾ پنهنجي پيشه وارانه زندگي جي شروعات ڪئي. جڏهن 1964ع ۾ پاڪستاني ٽيليويزن جي شروعات ٿي ته طارق عزيز پي ٽي وي جو سڀني کان پهريون مرد انائونسر هو. هن اصل شهرت 1975ع ۾ پي ٽي وي جي مشهور گيم شو نيلام گهر مان حاصل ڪئي جيڪو تقريبن 10 سالن تائين بنا ڪنهن رنڊڪ جي جاري رهيو.  ڪيترن ئي سالن جي وقفي کان پوءِ جڏهن نيلام گهر ٻيهر شروع ڪيو ويو ته ان جو نالو طارق عزيز شو رکيو ويو. اهڙي طرح هن  40 سالن تائين هن پروگرام جي  ميزباني ڪئي. طارق عزيز وڏي اسڪرين تي به پنهنجي اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا. سندس پهرين فلم(انسانيت) 1967ع ۾ ريليز ٿي ان کان علاوه هن سالگره، قسم اس وقت کي، ڪناري، چراغ ڪهان روشني ڪهان ۽ هار گيا انسان ۾ به اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا هئا. ميزبان طارق  عزيز 1997ع ۾ قومي اسيمبلي جو ميمبر به چونڊجيو هو. طارق عزيز جي لاڏاڻي تي شوبز انڊسٽري سان لاڳاپيل فنڪارن ڏک جو اظهار ڪيو ۽ سندس وفات کي قومي نقصان قرار ڏنو آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *