پاڪستاني اداڪاره ۽ ميزبان ندا ياسر ڪورونا وائرس کي شڪست ڏئي صحتياب ٿي وئي

لاهور(شوبز نيوز) پاڪستاني اداڪاره ۽ ميزبان ندا /ڏسو صفحو 3 بقايا نمبر 01

ياسر ڪورونا وائرس کي شڪست ڏئي صحتياب ٿي وئي آهي. هن پنهنجي روزاني جي معمول واري زندگي جي ٻيهر شروعات ڪري ڇڏي آهي. رپورٽ موجب ندا ياسر گذريل ڏينهن سوشل ميڊيا تي پنهنجي نئين تصوير شيئر ڪئي جنهن ۾ هن پيلي رنگ  جا ڪپڙا پهريا هئا هن پنهنجي تصوير سان گڏ ڪيپشن ۾ لکيو آهي ته مشڪل وقت هو، گذري ويو. اداڪاره چيو ته بهتر سوچ ۽ توانائي سان گڏ واپس اچي رهيا آهن.  رب پاڪ جو جيترو شڪر ادا ڪريان اهو گهٽ آهي جنهن مون کي صحت ڏني. هن ٻڌايو ته منهنجي ٻئي ڪورونا جي ٽيسٽ نگيٽو  اچي وئي آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *