ڀارت هندوتوا سوچ ۽ هٽ ڌرمي جو مظاهرو ڪندو ته حالتون خراب ٿينديون: شاهه محمود قريشي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جو چوڻ آهي ته ڀارت هندتوا سوچ ۽ هٽ ڌرمي جو مظاهور ڪندو ته حالتون خراب ٿينديون.ڀارت ۽ چين جي وچ ۾ سرحدي تڪرار تي پنهنجي بيان ۾ شاهه محمود قريشي چيو ته تبت ۽ لداخ جو 3500 ڪلو ميٽر جو علائقو ڀارت ۽ چين جو تڪراري سرحدي علائقو آهي، ڪجهه ڏينهن کان چين ۽ ڀارت جي وچ ۾ ڇڪتاڻ وڌندي نظر پئي اچ، چين ڪوشش ڪئي ته معاملو ڳالهين جي ريعي حل ٿئي پر ڀارت چين جي ڳالهه کي نه سمجهندي تڪراري علائقي ۾ اڏاوت جو سلسلو جاري رکيو، ڀارت جي هٽ ڌرمي جي ڪري 9 مئي تي هڪ تڪرار ٿيو جيڪو خوني تڪرار ۾ تبديل ٿي چڪو آهي، جيڪي اطلاع سامهون اچن پيا انهن موجب 20 کان وڌيڪ ڀارتي فوجي ۽ آفيسر مري چڪا آهي، اِهو سڀ ڪجهه ڀارت سرڪاري جي هندوتوا سوچ سبب ٿيو آهي.شاهه محمود قريشي وڌيڪ چيو ته ڀارت معقوليت بدران جنونيت جي سوچ تي گامزن آهي، ڀارت جڏهن هندوتوا سوچ ۽ هٽ ڌرمي جو مظاهرو ڪندو ته حالتون خراب ٿينديون.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *