مسيحي خاندان سان تعزيت لاءِ سراج الحق ڪوٽ راڌا ڪشن پهچي ويو, ڪوٽ راڌا ڪشن جي آزاداڻي جاچ ڪرائي وڃي: سراج الحق

ڪوٽ راڌا ڪشن(م.ڊ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق جو چوڻ آهي ته اسلام ته جانورن جي حقن جو خيال رکي ٿو هي ڪهڙا ماڻهو هئا جن انسانن کي زنده ساڙيو جماعت اسلامي جو امير سراج الحق ڪوٽ راڌا ڪشن پهچي ويو ڪوٽ راڌا ڪشن آمد تي جماعت اسلامي جي امير بٺي ۾ ساڙيو ويندڙ جوڙي جي وارثن سان ملاقات ڪئي ان موقعي تي سراج الحق جو چوڻ هو ته ڪوٽ راڌا ڪشن جي آزاداڻي جاچ ڪرائي وڃي اسلام ته جانورن جي حقن جو به خيال رکي ٿو هي ڪهڙا ماڻهو آهن جيڪي انسانن کي زنده ساڙين ٿا، هن چيو ته جيڪڏهن اسان پاڻ سزا ڏيڻ لڳي وڃون ته معاشرو نه هلي سگهندو ان موقعي تي سراج الحق مسيحي برادري سان به ملاقات ڪئي ۽ انصاف جي حاصلات ۽ اقليتن جي تحفظ بابت يقين ڏياريو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *