داعش جي وال چاڪنگ جي پويان مخصوص لابي آهي: فضل الرحمان

بهاولپور(م.د) ڏکڻ پنجاب ۾ داعش جي وال چاڪنگ جي پويان مخصوص لابي آهي جنهن جو مقصد ڏکڻ پنجاب ۾ 1500 ديني مدرسن کي ٽارگيٽ بڻائڻ آهي تمام جلد ڏکڻ پنجاب جو دورو ڪندس اهڙن خيالن جو اظهار جميت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان ملتان ۾ پنهنجي رهائشگاهه تي ضلعي جنرل سيڪريٽري علامه شفقت الرحمان سان هڪ ملاقات دوران ڪيو فضل الرحمان چيو ته اسان پنهنجي جان تي کيڏي پاڪستان جي نظرياتي سرحدن جي حفاظت ڪئي آهي پرڏيهي ايجنٽن ملڪ جي بنياد کي کوکلو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي جنهن کي اسان ناڪام بنايو هن چيو ته اڄ ملڪ هڪ ڀيرو ٻيهر ترقي جي شاهراهه تي هلي رهيو آهي ۽ ايندڙ وقت ۾ به هن ملڪ جي نظرياتي ۽ جاگرافيائي سرحدن جي حفاظت جو فرض سرنجام ڏيندا رهنداسين ۽ اسلام جي ڪنهن به شعبي کي نقصان پهچائڻ نه ڏينداسين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *