اليڪشن ڪميشن طرفان مراد علي شاهه جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن جاري

ڀان سيد آباد(رپورٽر) سنڌ اسيمبلي جي تڪ پي ايس 73 تي پ پ اميدوار سيد مراد علي شاهه بنا مقابلي ڪامياب ٿي ويو آهي ۽ سنڌ جي اليڪشن ڪميشن ان جي بنا مقابلي چونڊجڻ جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪري ڇڏيو آهي ياد رهي ته سيد مراد علي شاهه هن وقت سنڌ جي وڏي وزير جي صلاحڪار طور ڪم ڪري رهيو هو جڏهن ته ان جي مقابلي ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جو اميدوار روشن علي ٻرڙو اميدوار هو جنهن ڪالهه رات پ پ اميدوار سيد مراد علي شاهه جي حق ۾ هٿ کڻي ويو هو جنهن کانپوءِ سندس مقابلي ۾ ڪوبه اميدوار نه هجڻ سبب ان کي بنا مقابلي ڪامياب قرار ڏنو ويو ۽ اڄ سنڌ جي اليڪشن ڪميشڻ ان جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪري ڇڏيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *