مرڻ کان پوءِ پنهنجا عضوا ٻين انسانن کي عطيو ڪرڻ وارا بالي ووڊ ستارا

ممبئي (شوبز نيوز) مرڻ کان پوءِ پنهنجا عضوا ٻين انسانن کي عطيو ڪرڻ جو رجحان تيزيءَ سان وڌي رهيو آهي، جنهن ۾ هاڻي بالي وو اداڪار به شامل ٿي ويا آهن، جن ۾ ڪيترائي ته ناليوارا اداڪار انسانيت جي خدمت ۽ انساني همدرديءَ جي بنياد تي مرڻ کان پوءِ پنهنجي جسم جا عضوا عطيو ڪرڻ جو اعلان ڪري چڪا آهن، جڏهن ته ڪجھه اداڪارن باقاعدي معاهدن تي به صحيحون به ڪري ڇڏيون آهن. بالي ووڊ ”بگ بي“ جي نالي سان مشهور اميتاڀ بچن ڀارتي  انڊسٽريءَ ۾ هڪ خاص مقام رکندڙ آهي، ڀارتي فلم نگريءَ جي ان تاري اکين کان محروم ماڻهن جي مهم ۾ حصو وٺندي پنهنجيون اکيون مرڻ کان پوءِ عطيو ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. ڀارتي فلم انڊسٽريءَ جي ماضيءَ جي ”سپر اسٽار“ رشي ڪپور 2014ع ۾ هڪ اسپتال جي دوري جي موقعي تي پنهنجا عضوا عطيو ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو. هن ”انسٽيٽيوٽ آف چندي ڳڙهه“ ۾ عضوا عطيو ڪرڻ جي معاهدي تي صحيح به ڪئي هئي. بالي ووڊ جو ”مسٽر پرفيڪٽ“ عامر خان اداڪاريءَ سان گڏوگڏ فلاحي ڪمن ۾ به ڪنهن کان پوئتي ناهي. بالي ووڊ اسٽار مرڻ کان پوءِ گردا، جيرو، دل، اکيون ۽ ڦڦڙ عطيو ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. بالي ووڊ جي پهرين صف جي اداڪارا ۽ اڳوڻي ”سونهن راڻي” ايشوريا راءِ بچن ڪنهن تعارف جي محتاج ناهي، هن بالي ووڊ جي ڪئين بلاڪ بسٽر فلمن ۾ اداڪاريءَ جا جوهر ڏيکاريا آهن، جڏهن ته سندس خوبصورت ۽ سهڻيون اکيون سندس سڃاڻپ سمجھيون وينديون آهن. اڳوڻي سونهن راڻيءَ پنهنجيون خوبصورت اکيون مرڻ کان پوءِ عطيو ڪرڻ جي وصيت ڪئي آهي. بالي ووڊ جي اڳوڻي ”ڊريم گرل“ ۽ ماضيءَ جي اداڪارا هيما مالنيءَ پنهنجي فلمي ڪيريئر دوران عروج تي رهي آهي. سندس اکيون ان جي شخصيت کي خوبصورت بڻائينديون آهن ۽ هن 2007ع ۾ پنهنجي سهڻين اکين کي نور کان محروم ماڻهن جي لاءِ عطيو ڪرڻ جو واعدو ڪيو هو. ماضيءَ جي مشهور بالي ووڊ اداڪارا اميتاڀ بچن جي گھر واري ”جيا بچن“ مرڻ کان پوءِ اکين کان محروم ماڻهن جي لاءِ پنهنجيون اکيون عطيو ڪرڻ جو اعلان ڪري رکيو آهي. بالي ووڊ جي ”ڊمپل گرل“ پريٽي زنٽا جو ڳاڻيٺو فلم انڊسٽريءَ جي پهرين صف جي اداڪارائن مان ٿيندو آهي ۽ هو پنهنجي جاندار اداڪاريءَ جي ڪري به انڊسٽريءَ ۾ هڪ الڳ مقام رکندي آهي. اداڪارا مرڻ کان پوءِ پنهنجي جسم جا سڀ عضوا عطيو ڪرڻ جو اعلان ۽ معاهدي تي صحيحون به ڪيون آهن. بالي ووڊ ۾ ”جھنگلي ٻلي“ جي نالي سان مشهور اداڪارا پريانڪا چوپڙا ڀارتي فلم انڊسٽريءَ جو هڪ چمڪندڙ تارو آهي. ڪيترائي فلمي ايوارڊ به پنهنجي نالي ڪندڙ اداڪارا 2012ع ۾ ڏکايل انسانيت جي خدمت جي لاءِ پنهنجي جسم جا سڀ عضوا عطيو ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو. بالي ووڊ جي مشهور ”ڪوريو گرافر، پروڊيوسر، ڊائريڪٽر ۽ فلمساز“ اداڪارا فرح خان به ڏکايل انسانيت جي خدمت جي لاءِ اکين سميت ٻيا سڀ عضوا عطيو ڪرڻ جو اعلان ڪري چڪي آهي. بالي ووڊ جو ڊائريڪٽر ۽ اداڪار ”ڪمل هاسن“ پنهنجي جسم جا سڀ عضوا مدراس ميڊيڪل ڪاليج جي شاگردن کي عطيو ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو، هن پنهنجي ڌيءُ ۽ بالي ووڊ جي مشهور اداڪارا شروتي هاسن جي موجودگيءَ ۾ اهڙي معاهدي تي صحيحون به ڪيون هيون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *