فلم”هيرو” جو ريميڪ وڌيڪ بهتر ثابت ٿيندو: سڀاش گئي

ممبئي(شوبز نيوز) ڀارتي هدايتڪار سڀاش گئي چيو آهي ته فلم”هيرو” جو ريميڪ وڌيڪ بهتر ثابت ٿيندو. ڀارتي سڌ سماءَ وارن ذريعن مطابق سڀاش گئي چيو آهي ته سندس 1983ع ۾ ٺاهيل فلم ”هيرو” جي هيءَ ريميڪ فلم وڌيڪ بهترين ثابت ٿيندي. فلم جو پروڊيوسر اداڪار سلمان خان آهي. فلم جي اهم ڪاسٽ ۾ اداڪار سورج پنچولي ۽ اٿيا سيٺي شامل آهن. فلم جي ٻي ڪاسٽ ۾ گووندا، انيتا حسن داني، ونود کنه ۽ قدير خان شامل آهن. فلم 3 جولاءِ تي رليز ٿيندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *