جيڪڏهن مون کي ڪنهن پسند نه ڪيو ته به مان بالي ووڊ ۾ پنهنجو ڪردار ڳولي وٺنديس :سني ليون

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ انڊسٽريءَ جو اهو نالو جنهن ٿوري وقت ۾ بالي ووڊ ۾ پنهنجو نالو ٺاهيو آهي، سندس اصل نالو ڪيرن جيت ڪوروهرا آهي، پر سندس مشهوري سني ليون جي نالي سان ٿي. سنيءَ ليون 13 مئي 1981ع تي ڪينيڊا شهر جي ٽورينٽو ۾ پيدا ٿي، سندس تعلق سک گھراڻي آهي، سني ليون انڊو-ڪينيڊين اداڪارا، ماڊل ۽ بزنسمين طور سامهون آئي هئي، پر هاڻي هوءَ بالي ووڊ اداڪارا طور سڃاتي ويندي آهي. ڀارت ۾ سنيءَ کي مهيش ڀٽ معتارف ڪرايو، هن مهيش ڀٽ جي فلم ”جسم-2“ ۾ بالي ووڊ سفر جي شروعات ڪئي، سال 2012 ۾ فلم رليز ٿي، هي فلم 2003ع ۾ رليز ٿيندڙ فلم ”جسم“ جو سيڪوئل هئي. فلم ته ڪامياب نه وئي پر سني ليون کي اداڪاري سبب ساراهيو ويو. سندس ٻي فلم ”جيڪ پاٽ“ 2013ع ۾ رليز ٿي، ايئن سني ليون بالي ووڊ ۾ پير پاتو، سني ليون ايڪتا ڪپور سان ملي به فلمون ۽ آئٽم نمبر ڪيا ۽ بالي ووڊ ۾ ڏاڪا چڙهندي هڪ مخصوص جاءِ ٺاهي. سني ليون ميڊيائي نمائندن سان ڳالهائيندي چيو ته مان پنهنجو پاڻ مڃائڻ ڄاڻان ٿي، جيڪڏهن مون کي ڪنهن پسند نه ڪيو ته به مان بالي ووڊ ۾ پنهنجو ڪردار ڳولي وٺنديس.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *