مريم ڪرپٽ ٽولي جي ترجمان قرار، بلاول ابو ۽ ڦڦي کان ڦريل دولت واپس ڪرائي: فردوس عاشق

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان جي سڌُ سماءَ بابت خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ جو چوڻ آهي ته نواز شريف جي بيماري جي ڊرامي جو به ڪلائمڪس آن پهتو، پرڏيهه علاج جي درخواست ثابت ڪري ڇڏيو ته ميان صاحب جيل مان ڇوٽڪارو پئي چاهيو. فردوس عاشق اڳواڻ پاڪستان مسلم ليگ ن جي ترجمان مريم اورنگزيب جي حوالي سنا چيو ته هو ڪرپٽ ٽولي جو ترجمان آهي، سندس ترجماني پاپڙ واري وٽان نڪتل اربين رپيا نٿا لڪائي سگهن. پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري تي تنقيد ڪندي فردوس عاشق اعواڻ چيو ته بلاول صاحب توهان کي عوام جي سور جو احساس هئڻ ڪنهن تعجب کان گهٽ ناهي، توهان کي مهانگائي جو احساس آهي ته ابو ۽ پڦي کي چئو ته ڦريل دولت واپس ڪن. سڌُ سماءَ بابت خاص مددگار وڌيڪ چيو ته ن ليگ ۽ پيپلز پارٽي ٻنهي پارٽين غريبن جي حق تي ڌاڙو هنيو، ڪنهن کي چوري ۽ سينا زوري ڏسڻي هجي ته مخالف ڌر جون تقريرون ۽ بيان ڏسي وٺي. فردوس عاشق اعواڻ بلاول کي مخاطب ڪندي چيو ته توهان ٺٺن سان رهندا آهيو، توهان کي ڪهڙي خبر ته بنيادي ضروري شين جا اگهه ڇا آهن؟ بلاول روز مرهه جي شين جا اگهه ٻڌائي ته اِهو به ڪنهن معجزي کان گهٽ نه هوندو. هن چيو ته پاڪستان جي موجوده معاشي حالتن جي ذميوار پ پ ۽ ن ليگ آهي، بلاول عوام تي چڙهڻ لاءِ ماڻهن کي بيوقوف بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، پاڪستان جو عوام باشعور آهي هن موروثي سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جي حوالي سان فردوس عاشق اعواڻ چيو ته شاهه محمود قريشي وزير اعظم عمران خان جي ٽيم جو حصو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *