آرمي چيف پاران رجمينٽل سينٽر آزاد ڪشمير جو دورو ڪيو، ليفٽيننٽ جنرل شير افگن کي ڪرنل ڪمانڊنٽ جا بيج لڳايا

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا رجمينٽل سينٽر آزاد ڪشمير جو دورو ڪيو، جتي هن ليفٽيننٽ جنرل شير افگن کي اي ڪي رجمينٽ جي ڪرنل ڪمانڊنٽ جا بيج لڳايا. آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان موجب آرمي چيف دوري دوران شهيدن جي يادگار تي گلن جي چادر به چاڙهي.

آفيسرن ۽ جوانن کي خطاب ڪندي جنرل قمر جاويد باجوا دهشتگردي خلاف جنگ ۾ رجمينٽ جي قربانين کي خراج پيش ڪيو.

ان موقعي تي ڪور ڪمانڊر راولپنڊي ليفٽيننٽ جنرل بلال اڪبر به موجود هو، جڏهن ته تقريب ۾ رٽائرڊ ۽ حاضر سروس آفيسرن توڙي جوانن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *