وفاق طرفان 9 مهينن ۾ 369 ارب رپيه گهٽ آيا: مراد علي شاهه

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) سنڌ ڪابينا ٿر ڪول فيلڊ ۽ گوڙاڻو ڊيم جي متاثرن کي معاوضو ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو اجلاس ۾ بجيٽ جي حڪمت عملي تي غور ويچار ڪيو ويو.  سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته وفاق طرفان 9 مهينن ۾ 369 ارب رپيه گهٽ آيا، وفاق کان 669 ارب ملڻا هئا پر 411 ارب ئي ملي سگهيا، وفاق کان گهٽ فنڊ ملندا رهيا ته  اهي فنڊ پگهارن ۾ ئي پورا ٿي ويندا، ان حساب سان ترقياتي ڪم ڪرائڻ ڏکيو ٿي ويندو. اجلاس ۾ پاڪستان ڪلارڪ ايسوسيئيشن جي چارٽر تي به غور ڪيو ويو، مفتي تقي عثماني تي حملي ۾ شهيد ماڻهن لاءِ امداد جي منظوري، سنڌ ايڪسپلوزو ايڪٽ 2019 جي منظوري ۽ ڪمند جو اگهه مقرر ڪرڻ به اجلاس جي ايجنڊا جو حصو آهي.  مفتي تقي عثماني تي حملي ۾ شهيد پوليس ڪانسٽيبل فاروق جي گهر وارن لاءِ هڪ ڪروڙ رپيه امداد، 2 نوڪريون ۽ پلاٽ ڏيڻ جي به منظوري ڏني وئي. شهيد اهلڪار جي ستن ٻارڙن مان ٽي نابين آهن جن جي علاج جي به منظوري ڏني وئي.  اجلاس ۾ عارضي پيرول تي قيدين جي اختيارن جي آزادي جا اختيار گهرو سيڪريٽري حوالي ڪيا ويا، پيرول تي قيدين جا آزادي جا اختيار پهرين حڪومت وٽ هئا، بي ڪلاس جي سهولت جو اختيار به گهرو سيڪريٽري حوالي ڪيو ويو. صوبائي ڪابينا جي اجلاس ۾ ٿرڪول فيلڊ ۽ گوڙاڻو ڊيم جي متاثرن کي به معاوضو ڏيڻ جي منظوري ڏني وئي. ڄاڻايل علائقن جي متاثرن جو تعداد 575 آهي ۽ هر خاندان کي هڪ هڪ لک رپيه سالياني امداد ڏني ويندي. سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ مفتي تقي عثماني تي ٿيل حملي ۾ شهيد ٿيل پوليس اهلڪار جي وارثن کي هڪ بدران 2 ڪروڙ رپيا، هڪ پلاٽ ۽ هڪ نوڪري ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. صوبائي ڪابينا جي اجلاس بعد پريس ڪانفرنس ڪندي سنڌ جي سڌُ سماءَ بابت صلاحڪار مرتضيٰ وهاب لاڙڪاڻي ۾ باجوڙ سان تعلق رکندڙ 3 مزدورن جي قتل تي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ ٻڌايو ته وڏي وزير جي اعلان موجب وارثن کي 10-10 لک رپيا ڏيڻ جي منظوري ڏني وئي. سڌُ سماءَ بابت صلاحڪار ٻڌايو ته قانون موجب ڊيوٽي تي شهيد ٿيندڙ اهلڪار جي وارثن کي صوبائي حڪومت طرفان هڪ 1 ڪروڙ رپيا ۽ هڪ نوڪري ڏيندي ويندي آهي پر ڪابينا جي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته هن جي وارثن کي هڪ بدران 2 ڪروڙ رپيا، هڪ نوڪري ۽ پلاٽ ڏنو وڃي.هن وڌيڪ ٻڌايو ته سنڌ حڪومت انشورنس ڪمپني قائم ڪئي  آهي جنهن جي تحت سنڌ ۾ ڪٿي به روڊ تي ڪنهن حادثي جي صورت ۾ زخمي ٿيندڙ شخص کي اِها انشورنس ڪمپني هڪ لک رپيا ڏيندي جنهن جي لاءِ هو شخص اسپتال جي ذريعي يا سڌو سنئون انشورنس ڪمپني سان رابطو ڪري سگهي ٿو.سندس چوڻ هو ته سنڌ ڪابينا ۾ 2 قانون به منظور ڪيا ويا آهن جن کي اسيمبلي ڪميٽي ۾ پيش ڪري ايوان کان ان جي منظوري ورتي ويندي. انهن قانونن جي تحت سنڌ جو وڏو وزير 5 صلاحڪار رکي سگهي ٿو پر ان جي منظوري گورنر کان ورتي ويندي هئي جيڪا آئين جي خلاف هئي ۽ هاڻ سنڌ جي وڏي وزير کي صلاحڪار جي مقرري لاءِ گورنر جي منظوري جي ضرورت نه رهندي. ڪمند جي اگهن جي مقرري جي سلسلي ۾ هن ٻڌايو ته سنڌ حڪومت ڪمند جو اگهه 182 رپيا في مڻ مقرر ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته ڪرشنگ سيزن جو آغاز 30 نومبر تي ٿيندو. ان کان سواءِ سنڌ ڪابينا سمورن ڊپارٽمنٽن جي هيٺين گريڊ جي ملازمن کي ٽائم اسڪيل يا پروموشن جا ڪيس ڪميٽي ۾ موڪلڻ جو فيصلو به ڪيو ويو. انهن ملازمن ۾ ليب اٽينڊنٽ، اٽينڊنٽ، قاصد، نائب قاصد، پيون، چوڪيدار، مالي، باورچي، سينيٽري ورڪر ۽ سوئيپر شامل آهن،. اهڙي ريت جيڪو ملازم گريڊ هڪ ۾ هوندو، ان کي 6 سالن کان پوءِ گريڊ 3، جيڪو گريڊ 2 ۾ آهي ان کي 12 سالن کان پوءِ گريڊ 4، جيڪو گريڊ 4 ۾ آهي ان کي 18 سالن کان پوءِ گريڊ 6، جيڪو گريڊ 6 ۾ آهي ان کي 24 سالن کان پوءِ گريڊ 8 ۽ جيڪو گريڊ 8 ۾ آهي ان کي 30 سالن جي سروس تي گريڊ 10 جو ٽائم اسڪيل ڏنو ويندو.سڌُ سماءَ بابت صلاحڪار موجب ٿر جي متاثرن لاءِ هڪ لک رپيا ساليانو ڏيڻ به منظوري ڏني وئي ۽ هڪ خوشي ڏيندڙ ڳالهه اِها به سامهون آئي ته ٿر جي ڪوئلي مان توانائي پيدا ڪرڻ لاءِ وڌيڪ 5 بجلي گهر لڳايا ويندا جنهن جي لاءِ صوبائي ڪابينا زمين جي منظوري به ڏئي ڇڏي آهي. سندس چوڻ هو ته سنڌ کي وفاقي حڪومت کان 65 ارب رپيا اين ايف سي جي مد ۾ منتقل ٿيڻا هئا جنهن مالي سال جي ساڍن 9 مهينن جي عرصي ۾ 526 ارب رپيا ملڻ گهرجن ها. هن ٻڌايو ته مون افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته ان عرصي ۾ سنڌ صوبي کي رڳو 406 ارب رپيا هن وقت تائين ڏنا ويا آهن يعنيٰ وفاقي فنڊن جي مد ۾ 119 ارب رپين جي ڪٽوتي آهي جنهن جي ڪري اسان جي بجيٽ ۽ ترقياتي خرچ متاثر ٿي رهيا آهن. هن چيو ته ايندڙ اڍائي مهينن جي اندر وفاق کي 269 ارب رپيا سنڌ صوبي ڏانهن منتقل ڪرڻا آهن پر وفاقي حڪومت ۾ اِهو نظر نه پيو اچي ته هو سنڌ صوبي کي پنهنجو حصو ڏيندي. پريس ڪانفرنس دوران سنڌ حڪومت جي ترجمان وزير اعظم طرفان بلاول ڀٽو زرداري لاءِ صاحبه جو لفظ استعمال ڪرڻ تي سخت تنقيد ڪندي ان جي مذمت ڪئي ۽ معاشي صورتحال تي وفاقي حڪومت کي به تنقيد جو نشانو بڻايو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *