مدرسن جي اصلاحات تي پريشان مولانا فضل الرحمان پنهنجي ٻڏندڙ سياست پيو بچائي: عمران خان

اسلام آباد(بيورو) وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ ٿيندڙ اجلاس ۾ چيو ويو ته قوم تي مولانا فضل الرحمان جي سياسي مقصد وڌيڪ عيان ٿيڻ گهرجن، هو پنهنجي احتجاج لاءِ هاڻ 27 آڪٽوبر جي تاريخ نه بدلائي. تفصيل موجب وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ حڪومتي ۽ پارٽي ترجمانن جي اجلاس جي اندروني ڪهاڻي سامهو اچي وئي آهي. هن اهم اجلاس ۾ مولانا فضل الرحمان ۽ مخالف ڌر جي احتجاج تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ذريعن موجب اجلاس ۾ وزيراعظم عمران خان جو چوڻ هو ته مولانا فضل الرحمان پنهنجي ٻڏندڙ سياست کي بچائي رهيو آهي. حڪومت مدرسن ۾ ريفارمز آڻي رهي آهي جنهن جي مولانا کي فڪر آهي. وزيراعظم عمران خان جو چوڻ هو ته مدرسن جي اصلاحات تي مولانا وڌيڪ پريشان آهي. مدرسن ۾اصلاحات سان طالب اهڙن سياسي مقصدن جي لاءِ استعمال نه ٿي سگهندا. ذريعن موجب اجلاس ۾ شريڪ ٿيندڙ جو چوڻ هو ته مولانا فضل الرحمان هاڻ 27 آڪٽوبر جي تاريخ نه بدلائي ۽ اسلام آباد اچي وڃي. قوم تي به مولانا جا سياسي مقصد واضح ٿيڻ گهرجن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *