ڌرڻي کان سواءِ مولانا سان گڏ آهيون، سنڌ حڪومت تي حملي جو ڪوشش ناڪام ويندي: بلاول

اسلام آباد (اين اين آءِ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو هڪ ڀيرو ٻيهر واضح ڪيو ته ملڪ کي نقصان پهچائيندڙ ڪنهن غير جمهوري احتجاج جو حصو نه ٿينداسين، پ پ پنهنجي جمهوري جدوجهد نه ڇڏيندي، ڪنهن به صورت ۾ سوديبازي لاءِ تيار نه آهيون، مولانا فضل رحمان جي ڪيئن ۽ ڪيتري حد تائين مدد ڪري سگهون ٿا پيپلز پارٽي اجلاس ۾ فيصلو ڪندي، مولانا فضل رحمان 27 آڪٽومبر تي اسلام آباد اچي رهيو آهي اسان جلد ڏکڻ پنجاب ڏانهن رخ ڪنداسين، اسان جمهوري احتجاج ۾ مولانا سان گڏ هونداسين، رڳو ڌرڻي جي معاملي تي اختلاف آهي، هر هڪ ادارو پنهنجي حد ۾ رهي ۽ ڪنهن کي ٻين جي حدن ۾ مداخلت نه ڪرڻ گهرجي، جمعي تي احتساب عدالت ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته اسان جي بزنس ڪميونٽي ايترو ته پريشان ٿي چڪي آهي جو اها آرمي چيف وٽ هلي وئي، هن چيو ته عمران خان پارليامان کي غير فعال ڪري ڇڏيو آهي، هن چيو ته پ پ اها اڪيلي پارٽي آهي جيڪا سليڪٽرز خلاف جنگ وڙهي رهي آهي، هڪ سال ۾ تبديلي سرڪار ۽ سليڪٽيڊ وزيراعظم ناڪام ٿي چڪو آهي، هن چيو ته عمران خان پنهنجن سياسي مخالفن ايتري قدر جو انهن جي عورتن کي جيلن ۾ موڪلي ڇڏيو آهي، هن چيو ته هڪ ڪروڙ نوڪريون ڏيڻ جو واعدو ڪيو هو پر لکين نوجوانن کي بيروزگار ڪري ڇڏيو آهي، هن چيو ته 50 لک گهر ٺاهي ڏيڻ جو واعدو ڪيو پر لکين گهر ڊاهي پٽ ڪيا ويا آهن، هن چيو ته عوام تي ڏينهون ڏينهن ٽيڪسز جو بار وڌندي رهيو آهي، هن چيو ته سموري اپوزيشن کي خبر آهي ته هي ڌانڌلي واري حڪومت آهي، پ پ پنهنجو اجلاس سڏايو آهي جنهن ۾ فيصلو ڪرڻو آهي ته اسان ڪيئن ۽ ڪيتري حد تائين مولانا صاحب جي مدد ڪري سگهون ٿا، هن چيو ته جيڪڏهن اسان کي مهانگائي کان نجات گهرجي ته عوام کي پ پ جو ساٿ ڏيڻو پوندو، پ پ هميشه مزدور طبقي جو آواز بڻي آهي، مولانا صاحب آزادي مارچ جو فيصلو پنهنجي پارٽي سان صلاح مشورا ڪري ڪيو آهي، هن چيو ته پ پ ۽ ن ليگ جي خواهش آهي ته اسان مخالف پارٽيون گڏجي هڪ جلسو ڪريون، پ پ فيصلو اجلاس کانپوءِ ڪندي، هن چيو ته اسان جي ملڪ ۾ قانون کان هٽي پ پ جي قيادت جا ڪيس راولپنڊي موڪليا وڃن ٿا، هرپاڪستاني شهري جو حق آهي ته جتي ان تي الزام لڳي ان جو ٽرائيل اتي ئي ٿيندو، هن چيو ته حڪومت پاڻ پارليامينٽ کي بند ڪري رهي آهي، اهڙو اسپيڪر آهي جيڪو ٻين ڳالهائڻ نٿو ڏئي، هن چيو ته آءِ ايس آءِ کي اسان جي ڪيس ۾ ملوث نه ڪرڻ گهرجي ها، اسان جو  پهريون جج اهو آهي ن ليگ وارو جج آهي جيڪو پاڻ وڊيو ڪيس ۾ ملوث آهي، هن چيو ته پنڊي ۾ اهڙو ڇا آهي ذوالفقار ڀٽو کي ڦاهي پنڊي ۾ ڏني وئي آهي، آصف زرداري تي به پنڊي ۾ ڪيس ڪيا ويا، بلاول ڀٽو چيو ته گذريل سال کان جيڪو تماشو لڳل آهي اهو توهان جي سامهون آهي، اربين رپين جا قصا ٻڌائڻ کانپوءِ هڪ ريفرنس داخل ٿيو نه ڪو ثبوت آهي نه ئي ڪو ڪيس، رڳو ڏيڍ ڪروڙ رپين جو الزام آهي، بلاول ڀٽو چيو ته آصف زرداري اڳ به بنا ڪنهن ڏوهه جي 11 سال جيل جون سختيون برداشت ڪيون اسان هن جو ظلم به برداشت ڪرڻ لاءِ تيار آهيون پر ڪڏهن به سوديبازي نه ڪنداسين، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پ پ ڌرڻي کانسواءِ هر سطح تي مولانا سان گڏ هوندي، مولانا جي مارچ جي حمايت بابت فيصلو پارٽي ڪندي، جڏهن ته جيڪڏهن شڪ ٿيو ته مولانا ڪنهن طاقت جي اشاري تي آهي ته پنهنجي حمايت واپس وٺنداسين، هن چيو ته ڪارڪنن چون ٿا ته حڪومت مان اسان جي جند ڪڏهن ڇڏائيندا، هر جمهوري احتجاج جو ساٿ ڏينداسين پر اهڙي قدم جي حمايت نه ڪنداسين جنهن سان ملڪ کي نقصان ٿئي، احتجاجي تحريڪ ۾ سنڌ حڪومت کي خطري بابت سوال تي بلاول ڀٽو چيو ته هي سنڌ حڪومت تي حملو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا پر ڪامياب نٿا ٿي سگهن. اڳوڻو صدر آصف زرداري مولانا فضل رحمان جي آزادي مارچ جو حامي نڪري پيو، آصف زرداري دعائون به ڪيون، جمعي تي اسلام آباد جي احتساب عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي آصف زرداري کان صحافي سوال ڪيو ته مولانا فضل رحمان آزادي مارچ جو اعلان ڪيو آهي توهان ڇا چوندا،اڳوڻي صدر چيو ته اسان جون دعائون مولانا فضل رحمان سان گڏ آهن.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *