سريلنڪا ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ پاڪستان کي ڪلين سوئيپ ڪري ڇڏيو

 

لاهور (اسپورٽس نيوز) سريلنڪن ڪرڪيٽ ٽيم آخري ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ به پاڪستان کي شڪست ڏئي سيريز ۾ ڪلين سوئيپ ڪري ورتو.لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ ٽاس کٽڻ کانپوءِ پهريان بيٽنگ ڪندي سريلنڪن ڪرڪيٽ ٽيم مقرر اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 147 رنسون ٺاهيون.مهمان ٽيم طرفان اوشاڊا فرنينڊو بهترين بيٽنگ جو مظاهرو ڪندي 48 بالن تي 78 رنسون ٺاهيون ۽ ناٽ آئوٽ موٽيو، سندس اننگز ۾ 3 ڇڪا ۽ 8 چوڪا شامل هئا، ٻين سريلنڪن رانديگرن ۾ انجيلو پريرا 13، سمارا وڪراما ۽ ڪپتان ڊانس شناڪا 12-12 رنسن سان اڳڀرا رهيا.پاڪستان طرفان محمد عامر 3، جڏهن ته عماد وسيم ۽ وهاب رياض هڪ – هڪ وڪيٽ ورتي.جواب ۾ پاڪستاني ٽيم مقرر اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 134 رنسون ٺاهي سگهي.فخر زمان پهرين ئي بال تي کاتو کولڻ بنا پويلين موٽي ويو، جنهن کانپوءِ بابر اعظم ۽ حارث سهيل ذميوراڻي بيٽنگ ڪندي ٻي وڪيٽ لاءِ 76 رنسن جي ڀائيواري قائم ڪئي پر 27 رنسون ٺاهيندڙ بابر اعظم وڪيٽ ڪيپر کي ڪيچ ڏئي ڪريز ڇڏي هليو ويو، ان کانپوءِ پاڪستان جون وڪيٽون وقفي وقفي سان ڪرنديون رهيون.حارث سهيل 52 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو، جڏهن ته ٻيا رانديگر به ٻوٽو نه ٻاري سگهيا، ڪپتان سرفراز احمد 17، عماد وسيم 3 ۽ آصف علي هڪ رنس جو مهمان ثابت ٿيو.افتخار احمد ۽ وهاب رياض تيز بيٽنگ ڪندي ٽيم کي ڪاميابي ڏيارڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي پر ناڪام ثابت ٿيا، افتخار 16 ۽ وهاب 11 رنسون ٺاهي مايوس چهرن سان واپس موٽيا.پاڪستان مقرر اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 134 رنسون ٺاهيون، اهڙي ريت سريلنڪن ٽيم ميچ ۾ 13 رنسن تان ڪاميابي ماڻي ٽن ميچن جي سيريز ۾ گرين شرٽس کي ڪلين سوئيپ ڪري ورتو.سريلنڪا طرفان وننڌو هسارنگا 3، لهيرو ڪمارا 2 ۽ ڪاسن راجٿا هڪ وڪيٽ ورتي، ميچ جو بهترين رانديگر وننڌو هسارنگا کي قرار ڏنو ويو.واضح رهي ته سريلنڪن ڪرڪيٽ ٽيم پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ پاڪستان کي 64 ۽ ٻي ميچ ۾ 35 رنسن تان شڪست ڏني هئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *