مخالف ڌر کي خبر آهي ته پاڪ فوج عمران خان سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي: شيخ رشيد

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) ريلوي واري وزير شيخ رشيد چيو آهي ته مخالف ڌر کي خبر آهي ته پاڪ فوج عمران خان سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شيخ رشيد چيو ته عوام عمران خان تي اعتماد ڪري ٿو،  تيڪس ڏيڻ شروع ڪري ڇڏينداسين،  جيڪي چوندا هئا بجيٽ پاس نه ٿيندي بجيٽ پاس ٿي وئي آهي، مان اعتراف ڪيان ٿو ته غريب لاءِ ڏکيائيون آهن، ڊالر جيترو وڌيو آهي ايترو نه وڌڻ گهرجي ها. هن چيو ته 10 سالن ۾ نواز شريف، شهباز شريف ۽ آصف زرداري جي پارٽي ملڪ کي ڦريو، اهي ابتو ٽنگجي ويندا پر پئسا نه ڏيندا، ڪنهن کي ابتو نه ٽنگڻ گهرجي پيار ۽ محبت سان پئسا وٺڻ گهرجن. شيخ رشيد چيو ته پاڪستان ڪرپٽ مافيا ۽ مني لانڊرنگ ڪندڙن لاءِ سياسي قبرستان بڻائي ڇڏينداسين.  هن چيو ته مولانا فضل الرحمان سان هٿ ٿي ويو آهي، هي سمورا ماڻهو بيوقوف آهن جلسا ڪري رهيا آهن، ڪو اچي يا وڃي عمران خان کي فرق نه پوندو. شيخ رشيد چيو ته عمران خان شريف سياستدان آهي، ڪڏهن ڀڃ ڊاهه نه ڪئي آهي. هن چيو ته نواز شريف جي گرپ پارٽي تي وڌيڪ مضبوط آهي، مسلم ليگ ن جا 9 ايم اين اي آهن جيڪي 20 به ٿي سگهن ٿا. شيخ رشيد چيو ته وزيراعظم اين آر او نه ڏيندو، مان پر ڊيل نه پر ڍر ڏيڻ جي حق ۾ آهيان.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *