زائرا وسيم ”ايمان“ بچائڻ لاءِ بالي ووڊ کي الوداع ڪري ڇڏيو

 

ممبئي (شوبز نيوز) 2016ع ۾ عامر خان جي سپر هٽ فلم ”دنگل“ ذريعي بالي ۾ شهرت ماڻيندڙ اداڪارا زائزا وسيم فلم انڊسٽري ڇڏڻ جو فيصلو ڪري ورتو.انسٽاگرام تي پنهنجي هڪ پوسٽ ۾ زائرا وسيم اهو اعلان ڪندي چيو ته ڪيريئر جي چوند منهنجي مذهبي عقيدي تي اثرانداز ٿي رهي آهي.هن لکيو ته بالي ووڊ ۾ منهنجا پنج ورهيه مڪمل ٿي ويا آهن ۽ ان موقعي تي آئون اعتراف ڪرڻ چاهيان ٿي ته پنهنجي ڪم سبب ملندڙ سڃاڻپ تي خوش نه آهيان، ڊگھي عرصي کان مون کي محسوس ٿي رهيو هو ته آئون ڪا ٻي شخصيت بڻجڻ جي جدوجهد ڪري رهي آهيان، آئون هاڻي اهڙيون شيون ڳولڻ ۽ محسوس ڪرڻ شروع ڪيون آهن، جن لاءِ آئون پنهنجو وقت، ڪوششون ۽ جذبا رکڻ چاهيان ٿي ۽ هڪ نئين قسم جي زندگي کي برقرار رکڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهيان.زائرا وسيم وڌيڪ لکيو ته مونکي احساس ٿيڻ لڳو ته شايد آئون هن انڊسٽري ۾ سٺي طرح فٽ ٿي وينديس پر ان سان واسطو نٿي رکڻ چاهيان، ان شعبي سان مون کي گھڻي محبت ۽ سهڪار مليو پر ان سان گڏوگڏ اهو مون کي لاعلمي جي رستي تي وٺي آيو، ڇو جو آئون خاموشي ۽ لاشعوري طور تي ايمان کان ٻاهر نڪرڻ لڳي آهيان.سندس چوڻ هو ته آئون لاڳيتو پنهنجن خيالن ۽ وجدان سان مفاهمت لاءِ پنهنجي روح سان ويڙهه وڙهي رهي هيس ته جيئن پنهنجي ايمان جو تصور مضبوط ڪري سگھان پر آئون بري طرح ناڪام ٿي ويس ۽ اهو هڪ ڀيرو نه پر سئو ڀيرا ٿيو. آئون اهڙي ماحول ۾ ڪم ڪندي رهيس، جيڪو لاڳيتو منهنجي ايمان ۾ مداخلت ڪندو رهيو، جنهن سبب منهنجي مذهب سان منهنجو واسطو خطري ۾ پئجي ويو پر آئون ان کي نظر انداز ڪري اڳتي وڌندي پاڻ کي قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي رهيس ته آئون سٺو ڪري رهي آهيان ۽ ان سان متاثر نه ٿينديس پر ان سبب منهنجي زندگي مان رحمت ختم ٿي وئي.18 ورهين جي اداڪارا لکيو ته برڪت اهو لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ رڳو خوشي يا انگ ناهي پر استحڪام جي خيال تي ڌيان ڌرڻ به آهي، جنهن بابت مون کي گھڻي جدوجهد ڪرڻي پئجي رهي هئي.اداڪارا موجب مون کي پنهنجي ان فيصلي تي برقرار رهڻ لاءِ پاڻ سان جيتري به ويڙهه ڪرڻي پئي ڪنديس، آئون هڪ ڏينهن اهڙي شخصيت طور سامهون اينديس، جنهن جو مقصد پاڻ کي تبديل ڪرڻ هوندو آهي ۽ آئون جلد تبديل ٿي ڏيکارينديس، آئون پنهنجن خيالن سان جنگ جاري رکينديس.سندس وڌيڪ چوڻ هو ته زندگي گھڻي مختصر آهي پر پاڻ سان جنگ لاءِ ڊگھي هوندي آهي، اهو ئي سبب آهي جو اڄ آئون سوچي سمجهي فيصلو ڪيو آهي ۽ آئون اداڪاري ڇڏڻ جو باضابطا اعلان ڪريان ٿي.زائرا وسيم گھڻو عرصو اڳ اسڪرين تي ”سيڪرٽ سپر اسٽار“ فلم ۾ نظر آئي هئي ۽ هن جي هڪ ٻي فلم ”دي اسڪاءِ از پنڪ“ جي شوٽنگ مڪمل ٿيڻ واري آهي، جنهن ۾ هوءِ پريانڪا چوپڙا ۽ فرحان اختر جي ڌيءَ جو ڪردار ادا ڪندي، جيڪا هڪ موذي مرض جو شڪار هوندي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *