مخالف ڌر وکريل نظر اچي رهي آهي، مسلم ليگ ن ۾ گروپنگ پنهنجي قيادت سبب ٿي رهي آهي: فواد چوڌري

اسلام آباد (اين اين آءِ) سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي جي وفاقي وزير دعويٰ ڪيئ آهي ته ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ ن ليگ ڇڏيندڙ قومي اسيمبلي ميمبر ۽ سينيٽرز جي لسٽ اڳيان اچي ويندي، مريم نواز ان موقعي مان فائدو وٺي شهباز شريف جي قيادت تي راتاهو هنيو، قطر مان به امداد ملي وئي آهي، ترت بحران ٽري ويو آهي ۽ بجيٽ به پاس ٿي وئي آهي، هاڻ معيشت جي اصل چئلينج ٽيڪس گڏ ڪرڻو آهي، افغانستان سان جيڪي بهتر معاملا اڳتي وڌيا آهن خطي ۾ ان جو اثر ٿيندو، اميد آهي ته ڀارت مان سٺو جواب ملندو، آچر تي پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته قطر کان 50 ڪروڙ ڊالر رقم ملي آهي، قطر مان رقم ملڻ سان ناڻي مٽاسٽا جا ذخيرا بهتر ٿيا آهن، هن چيو ته موجوده حڪومت ساڍا 9 ارب ڊالر قرضن جي مد ۾ واپس ڪري چڪي آهي، 11 مهينن ۾ قرض ۽ وياج جي مد ۾ ادا ڪيل رقم سنڌ جي بجيٽ جي برابر آهي توهان اندازو لڳايو ته ڪهڙي قسم جي صورتحال هئي جنهن کي عمران خان منهن ڏنو هو، فواد چوڌري چيو ته هن سال اسان 5600 ارب رپين جو ٽيڪس گڏ ڪرڻ جو هدف طئه ڪيو آهي، هن چيو ته برٽس ايئر ويز پاڪستان لاءِ فلائيٽ آپريشن بحال ڪري چڪي آهي، يورپي يونين جي ٻين ملڪن ۽ ايئر لائينز پاڪستان لاءِ پنهنجي ايڊوائزري تبديل ڪري رهيا آهيون، فواد چوڌري چيو ته برطانيا جي ولي عهد ۽ مستقبل جي ملڪه پاڪستان اچي رهيا آهن، ان مان صاف ظاهر آهي ته اسان ڪهڙي طرف وڃي رهيا آهيون، وفاقي وزير چيو ته هاڻ افغان صدر آيو هو ان سان جنهن قسم جون ڳالهيون ٿيون ۽ هاڻ وزيراعظم جي آمريڪا جي تازي دور سان توهان کي لڳندو ته هي گيم چينجر صورتحال آهي، هن چيو ته يورپي يونين سان 25 سالن کانپوءِ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جا رابطا بحال ٿيا آهن، تازو ئي برسلز ۾ ٿيندڙ معاهدي ۾ هي شعبو شامل آهي، اميد آهي ته ڀارت جوڳو جواب ڏيندو. افغانستان کي اسان ڪنڌهار ۾ ڪامسيٽس بڻائڻ جي تجويز ڏني آهي، ان سان گڏ هن چاهيو ته ڪابل ۾ ميٽرولاجي ۾ قائم ڪئي ويندي، وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۾ معيشت جون سٺيون خبرون اچي رهيون آهن، پرڌيهي محاظ تان به سٺيون خبرون اچي رهيون آهن، ان ۾ اپوزيشن ٽٽي رهي آهي، اها عجيب ڳالهه آهي ته پاڪستان لاءِ سٺيون خبرون اپوزيشن لاءِ خراب خبرون بڻجي اڀري رهيون آهن، هن چيو ته شهباز شريف اپوزيشن ليڊر جي عهدي کانسواءِ سمورين ڪميٽين تان استعيفيٰ ڏئي چڪو آهي، هو ڪڏهن به اپوزيشن، بحران جو ليڊر نه هو، جيئن جيئن بحران اچي ٿو هو ملڪ کان ٻاهر هليو وڃي ٿو، مريم نواز ان موقعي مان فائدو وٺي شهباز شريف جي قيادت تي راتاهو هنيو. فواد چوڌري چيو ته مريم نواز اها عورت آهي جنهن پنهنجي والد کي اقتدار مان نيڪالي ڏياري، پوءِ سزا ڏياري، جيل تائين پهچايو ۽ هاڻ کيس سڪون آيو آهي، هن چيو ته اهي ماڻهو جيڪي مريم نواز جي ڳالهه ٻڌي هلن ٿا اهي اڄ ڪلهه ڪٿي آهن، دانيال عزيز، طلال چوڌري جنهن جنهن مريم نواز جي ڳالهه ٻڌي سياست ڪئي آهي ان پنهنجو ٻيڙو ٻوڙيو آهي، ماڻهن کي ان جي سياست تي  اعتماد نه آهي، هن چيو ته بلاول ڀٽو، شهباز شريف ۽ ٻيا سلڪيٽيڊ سليڪٽيڊ چوندا رهيا ۽ اسان بجيٽ پاس ڪرائي ورتي، بلاول جي خلاف گڏيل ٺهراءُ پاس ڪيو، هن چيو ته گذريل ڏينهن گوجر خان ۾ ڪجهه ماڻهن جو ميڙ هو ۽ بلاول اتي خطاب ڪرڻ هليو ويو، ان سان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته اپوزيشن ڪيتري اميچيوئر آهي ان سان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هي وکري رهيا آهن ۽ ائين اسان جي ڪري نه آهي، ن ليگ ۾ جيڪا گروپنگ ٿي رهي آها اها ان جي قيادت جي ڪري آهي، وفاقي وزير چيو ته اپوزيشن جي 12 ايم پي ايز ملاقات ڪئي آهي ۽ انهن جي نالن جي لسٽ گردش ڪري رهي آهي، ايم اين ايز جا نالا اڳيان اچي ويندا، هن چيو ته 6 مهينن کان پوءِ معاشي حالتون بهتر ٿينديون، پرڏيهي پاليسي جا نوان هدف حاصل ڪرڻ وڃي رهيا آهيون، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته منهنجو خيال نه آهي ته اپوزيشن سينيٽ چيئرمين جي تبديلي جو رسڪ کڻندي، ڇو ته کيس پنهنجي طاقت جو پتو آهي ته اها هي معاملو نه اٿاريندي، هي ڳالهيون رڳو ڪرڻ جي حد تائين آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *