مخالف ترقي جي راهه ۾ رنڊڪون پيا وجهن، اسان بيهڻ وارن مان ناهيون: نواز شريف

نڙهه (اين اين آءِ) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته ڪوڙ ڳالهائيندڙ ۽ پٽڪو لاهيندڙ عوام جو نمائندو نه ٿو ٿي سگهي، پاڪستان جي ترقي ڏسي مخالفن جون ننڊون حرام ٿي ويون آهن، چون ٿا ته وري ن ليگ اچي ويندي ۽ اسان ڪراڙا ٿي وينداسين ته پاڪستان جي خدمت ڪرڻ جي قابل نه رهنداسين. ڌرڻي وارو ملڪ کي 50 سال پوئتي ڌڪڻ چاهي ٿو پر هو ڪامياب نه ٿيندو، گڏيل قومن ۾ ڀرپور طريقي سان ڪشمير جو مسئلو اٿاريو آهي.، ڪنهن کان به ڊڄڻ ۽ گهٻرائڻ وارا ناهيون آئنده به ڪشمير جو معاملو اٿاريندا رهنداسين. بجلي جي کوٽ پيدا ڪندڙ ڏوهاري آهن. وقت سر قدم ڇو نه کنيا ويا، 2018 ۾ لوڊشيڊنگ ختم ٿي ويندي. ٽي سال اڳ پي آءِ اي جي ذريعي حج تي ويندڙ حاجي سڳورا رلندا هئا انهن کان ڪير پڇڻ وارو نه هو. جمعي تي نڙهه ۾ عوامي جلسي کي خطاب ڪندي وزيراعظم نواز شريف چيو ته مان دل جي گهراين سان توهان کي سلام ڪريان ٿو شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته ايڏي وڏي انگ ۾ اسان جو ڀينرون ۽ ٻارڙيون ڪڏهن نه آيو آهن جيڪي اڄ جلسي ۾ آيون آهن. مان ايندڙ پنهنجي ٻارڙين، ڀينرن، مائرن جو ٿورائتو آهيان مون کي بزرگ ويٺي نظر اچي رهيا آهن، جڏهن ته جلسي ۾ نوجوانن جو به وڏو انگ موجود آهي. وزيراعظم جلسي کي خطاب ۾ وڌيڪ چيو ته مخالف چاهين ٿا ته خوشحالي جو رستو روڪيو وڃي ۽ بدحالي جو دور شروع ٿي وڃي. وزيراعظم چيو ته موٽروي ن ليگ جي دور ۾ ٺهيا آهن پاڪستان ۾ ترقي ٿي آهي ته مسلم ليگ (ن) جي حڪومت ۾ ٿي آهي اقتصادي ترقي به اسان جي دور ۾ ٿي آهي. دفاعي ترقي به اسان جي دور ۾ ٿي آهي ۽ ايٽمي ڌماڪا به اسان جي دور ۾ ٿيا آهن. ڪشمير جي ڳالهه مسلم ليگ نه ڪري ٿي، هن چيو ته گوادر بندرگاهه سان پاڪستان ۾ خوشحالي جو پيغام ايندو. بجلي ۽ گيس به ان وقت آئي آهي جڏهن مسلم ليگ (ن) اقتدار ۾ آئي آهي. هن چيو ته پشاور کان اسلام آباد ۽ اسلام آباد کان لاهور موٽر وي اسان جي دور ۾ ٺهيا ۽ بعد ۾ موٽروي ڇو نه ٺهيا. هاڻي موٽروي ڪراچي وڃي رهيو آهي ان جي تعمير به شروع ٿي وئي آهي. هن چيو ته ڪير ڏوهاري آهي جنهن بجلي جي کوٽ پيدا ڪئي، گذريل وقت ۾ 16 کان 18 ڪلاڪن جي لوڊشيڊنگ ٿيندي آهي جيڪا اسان گهٽائي ڇڏي آهي. وزيراعظم چيو ته جيڪو مون سان وفا ڪري ٿو مان به ان سان وفا ڪندو آهيان ۽ ڪنهن سان بي وفائي نه ڪندو آهيان راجا ظفرالحق منهنجي پارٽي جو چيئرمين آهي ان سان مضبوط لاڳاپا آهن ۽ شاهد خاقان عباسي به منهنجو ويجهو دوست آهي هن چيو ته عوام بار بار مسلم ليگ (ن) کي موقعو ڏئي ٿو ته پاڪستان جي خدمت ڪئي وڃي انهي سبب جي ڪري مخالفن جون ننڊون حرام ٿي ويون آهن. وزيراعظم چيو ته بيروزگاري جو خاتمو اسان جي پهرين ترجيح آهي اسان دهشتگردي جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي. هن چيو ته اسان جي نوجوانن کي ليپ ٽاپ ملن ٿا ۽ اربين رپيا وظيفن تي خرچ ڪيا وڃن ٿا. اسان غريبن لاءِ مفت علاج جو پروگرام بڻايو ۽ اهو پروگرام نڙهه ۾ به پهچندو. هن چيو ته ترقي جو سفر وڏي زور ۽ شور سان جاري آهي جيڪو انشاءَ الله جاري رهندو. هن نڙهه جي عوام کي مخاطب ٿيندي چيو ته توهان وٽ خالي هٿين نه آيو آهيان، ترقياتي پروگرام هلي رهيا آهن ۽ اهي هلندا رهندا. هن اعلان ڪيو ته راولپنڊي، ڪهوٽا، ڪلرڪا، منهند ۽ سهالا جي هنڌ تي هيڊ برج ٺهندو وزيراعظم ڪهوٽا تعلقي ڪلر سيڊان جي سمورن يونين ڪائونسلن کي بجلي ۽ گئس فراهم ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو ته ڪهوٽا ۾ تعلقي هيڊ ڪوارٽر اسپتال کي بهترين درجي جي اسپتال بڻايو ويندو ته جيئن ماڻهن کي راولپنڊي نه وڃڻو پوي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *