وزير اعظم جي ٻارن جو ڊوئچي بئنڪ مان قرض وٺڻ جو انڪشاف

برطانوي اخبار انڪشاف ڪيو آهي ته وزيراعظم جي ٻارن ڊوئچي بئنڪ مان 70 لک پائونڊ جو قرض ورتو، اهو قرض مريم نواز ۽ حسين نواز طرفان 2008ع ۾ ورتو ويو هو. اهو قرض لنڊن جي علائقي پارڪ لين ۾ موجود فليٽن کي گروي رکي ورتو ويو. ڊوئچي بنڪ جو چوڻ آهي ته اسان ان معاملي جي اهميت کان واقف آهيون. بئنڪ 2013ع کان شروع ڪيل آڊٽ ۾ نواز خاندان کي به شامل ڪري ورتو آهي. بئنڪ موجب ته پنهنجي کاتيدار جي معلومات جي ڇنڊ ڇاڻ ڪري رهيا آهيون. اسان اهو به ڏسي رهيا آهيون ته اسان جا کاتيدار ڪنهن قسم جي چوري ۾ ملوث ته ناهن.

برطانوي اخبار موجب پارڪ لين جا فليٽ 1993ع ۽ 1996ع جي وچ ۾ خريد ڪيا ويا. آف شور ڪمپنيون 2006ع تائين موزيڪ فونسيڪا ۾ منتقل نه ڪيو ويون هيون، پاناما پيپرز ظاهر ڪن ٿا ته موزيڪ فونسيڪا کي 2012ع ۾ اندازو ٿيو ته هو ڪمپنين لاءِ ايجنٽ طور ڪم ڪري رهيو هو. 2013ع ۾ نواز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر وزيراعظم بڻجي ويو. اداري جي ايتري جاچ ٿي ته ان ڪمپنين کي فوري طور تي نظر ۾ رکڻ شروع ڪري ڇڏيو ۽ هر چئن مهينن ۾ انهن کي چيڪ ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا.  موزيڪ فونسيڪا جو چوڻ آهي ته سياسي شخصيتن ۽ ان متعلق ماڻهن جي آفشورس ڪمپني جي واڌو جاچ ڪرڻ گهرجي. ڇو ته اهي پئسا سياسي اثر رسوخ استعمال ڪندي ڪمايا ويا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *