حڪمران پنهنجي نڪ کان اڳتي نٿا نهارين، هاڻي نواز شريف نه جمهوريت بچندي: بلاول

رهڙڪي(رپورٽر/م.ڊ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته دهشتگرد اسان جا ٻچا ڪُهي رهيا آهن ۽ حڪمران فوٽو سيشن تائين محدود آهن. پاناما پيپرز تي احتساب ضرور ٿيندو. رهڙڪي ۾ جلسي کي خطاب ڪندي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڪوئيٽا سڀ کان وڌيڪ دهشتگردي جو شڪار آهي، دهشتگرد اسان جي ٻچن کي ماري رهيا آهن ۽ حڪمران رڳو فوٽو سيشن تائين محدود آهن. هن چيو ته حڪومت دهشتگردن ۽ انهن جي پٺڀرائي ڪندڙن خلاف ڪارروائي نٿي ڪري. حڪمران پنهنجي نڪ کان اڳتي نٿا نهارين. هنن حڪمرانن ۾ دهشتگردي خلاف ڪم ڪرڻ جي نه ته اهليت آهي نه ئي انهن جي نيت آهي. بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته  ميان صاحب هي ڪاروبار نه پر عوام آهي، توهان وزيراعظم آهيو، بادشاهه نه، هي جمهوريت آهي تخت رائيونڊ جي بادشاهت نه. ماڻهو غريب ٿيندا وڃن ۽ توهان دولت جا ڍڳ ٺاهيندا پيا وڃو. منهنجو چاچو  عمران خان پاناما پيپرز جي ڳالهه ڪري رهيو آهي، توهان تي ڪرپشن جو الزام آهي، ان ڪري توهان کي جواب ڏيڻو پوندو. هن چيو ته سستي ماني اسڪيم، ييلو ڪيب، دانش اسڪول اسڪينڊل، نندي پور اسڪينڊل، ماڊل ٽائون واقعو هجي يا اصغر خان ڪيس هجي يا پاناما پيپرز جو اسڪينڊل، توهان ڪنهن تي به جواب نه ٿا ڏيو. پر هاڻي احتساب ٿيندو، اعتزاز احسن جي  پاناما پيپرز بل کي پاس ڪرڻو پوندو. بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته آئون توهان کي خبردار ڪريان ٿو ته توهان جي حڪومت ڪرپشن بچائي نه ٿي هلي سگھي. هن چيو ته حڪمران راجن پور سميت ڏکڻ پنجاب کي نظر انداز ڪري رهيا آهن، هي حڪمران رڳو هڪ علائقي کي ترقي ڏيندا ته وفاق ڪمزور ٿيندو. حڪمرانن جي پاليسين قوم کي ورهائي ڇڏيو آهي. هن چيو ته وفاقي حڪومت مون سان واعدو ڪيو هو ته ٿر تي ترقياتي بجيٽ خرچ ڪنداسين پر هڪ ٽڪو به خرچ نه ٿيو. لاهور لاءِ 2 سئو ارب ۽ ڪراچي لاءِ رڳو ٻارهن ارب رپيا رکيا ويا آهن. مودي سازش ڪري رهيو آهي ۽ وزيراعظم نواز شريف چُپ آهي. توهان جي پاليسين جي ڪري پاڪستان دنيا ۾ اڪيلو ٿي رهيو آهي. ڪشمير مسئلي تي پاڪستان عالمي حمايت حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي ويو آهي. هن چيو ته گذريل ٽن سالن کان ملڪ بنا پرڏيهي وزير جي هلي رهيو آهي، حڪمرانن جي پرڏيهي پاليسي ناڪام آهي. 3 ڀيرا وزيراعظم ٿيڻ باوجود هنن کي پرڏيهي وزير نه پيو ملي، هن چيو ته سياسي پارٽين کي جلسا ڪرڻ جي اجازت ناهي پر گڊ يا بيڊ طالبان کي گھرو وزير جي آفيس ۾ اچي چانهه پي وڃن ٿا. ملڪ ۾ نيشنل ايڪشن پلان جا بکيا اڊيڙيا پيا وڃن. ڪافر ڪافر جا نعرا هنيا پيا وڃن. حڪمرانن کي ملڪ ۽ عوام جو ڪو فڪر ناهي. هنن کي غريبن جو ڪو احساس ناهي، ملڪ قرض جي بار ۾ ڦاسندو پيو وڃي، مهانگائي آسمان سان ڳالهائي رهي آهي، هنن کي مسئلن جي حل ۾ ڪا دلچسپي ناهي، ذاتي اقتدار کان سواءِ انهن کي ڪنهن مسئلي ۾ دلچسپي ناهي. غريب کي ته هي ويجھو ئي اچڻ نٿا ڏين. اوڪاڙا کان لاهور تائين هارين کي دهشتگردي جي نالي تي گرفتار ڪيو پيو وڃي. چاچا عمران هاڻي گھڻو ٿي ويو، مون گھڻو برداشت ڪيو، عوام گھڻو ڀوڳيو آهي، توهان روز اسٽيج تي بيهي ڪوڙا الزام هڻو ٿا، توهان منهنجي شهيد ماءُ تي به الزام هنيا هئا، ايتري تائين جو چاچي عمران 18 آڪٽوبر 2007ع ۾ ٿيل ڌماڪي جو الزام به منهنجي ماءُ تي هڻڻ جي ڪوشش ڪئي. توهان منهنجي پيءُ تي نواز شريف تي لڳل الزام ورجايو ٿا. هن چيو ته ڪوئٽا سانحي جي ڪري رهڙڪي ۾ ڏياري نه ملهائي سگهيس. بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته اسين موهن جي دڙي، سنڌو تهذيب جا وارث آهيون. اڄ سنڌ_پنجاب جي سرحد تي عوام کي مخاطب آهيان ۽ مودي کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته جناح ۽ بينظير جي پاڪستان ۾ هندو ۽ مسلمانن ۾ ڪو فرق ناهي، هتي سڀ هڪ آهن. اسين نسل، ٻولي ۽ جنس جي بنياد تي فرق ناهيون ڪندا. هن چيو ته اڄ هتان ڪنور ڀڳت سنگھ کي سلام پيش ڪريان ٿو. اسان جي جدوجهد غريبن، بيروزگارن، عورتن ۽ اقليتن لاءِ آهي. اسان جي جدوجهد دهشتگردي کي پاڙان ختم ڪرڻ لاءِ آهي. هن چيو ته جمهوريت کي بچائڻو آهي ته شينهن جي قرباني ضروري آهي. نواز شريف کي پاناما ليڪس جي سمورن الزامن جو جواب ڏيڻو پوندو. هاڻي جمهوريت بچندي پر نواز شريف نه بچندو. پاناما بل منظور نه ٿيو ته عدالتي ڪميشن نه هلي سگھندو، جيڪڏهن ڪميشن نه هليو ته حڪومت نه هلي سگھندي. ٻئي طرف اوٻاوڙو ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي سربراهه بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته سنڌ ۾وڌيڪ يونيورسٽيون ۽ ڪاليج قائم ڪيا ويندا. پيپلز پارٽي جي سربراهه بلاول ڀٽو زرداري آءِ بي ڪميونٽي ڪاليج جو اففتاح ڪيو. ان موقعي تي هن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ سرڪار تعليم جي بهتري جي لاءِ بهتر قدم کنيا آهن جڏهن ته بلاول اوٻاوڙي ۾ ميڊيڪل ڪاليج قائم ڪرڻ جو پڻ اعلان ڪيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *