پانامه ليڪس ڪيس: سپريم ڪورٽ ٻڌڻي لاءِ لارجر بينچ جوڙي ڇڏي

اسلام آباد  (اين اين آءِ) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان پانامه ليڪس تي درخواستن جي ٻڌڻي لاءِ لارجر بئنچ جوڙي ڇڏي پهرين نومبر تي ٻڌڻي ڪندي بئنچ ۾ چيف جسٽس انور ظهير جمالي، جسٽس آصف سعيد کوسو، جسٽس امير حاني مسلم، جسٽس عظمت سعيد شيخ ۽ جسٽس اعجازالحسن شامل آهن ياد رهي ته سپريم ڪورٽ وزيراعظم نوازشريف سميت سمورين ڌرين کي پهريان ئي نوٽيس جاري ڪري چڪي آهي پاڪستان تحريڪ انصاف جماعت اسلامي عوامي مسلم ليگ جمهوري وطن پارٽي ۽ طارق اسد ايڊووڪيٽ پانامه ليڪس جي جاچ لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ آئيني درخواستون داخل ڪيون هيون هلندڙ مهيني 20 آڪٽوبر تي انهن درخواستن تي ٻڌڻي کان پوءِ سپريم ڪورٽ وزيراعظم نوازشريف ناڻي واري وزير اسحاق ڊار وزيراعطم جي فرزند حسن نواز، حسين نواز ۽ ڌيءَ مريم نواز ڊي جي ايف آءِ اي ۽ چيئرمين ايف بي آر ۽ اٽارني جنرل سميت سمورين ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي ٻن هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *