منهنجي ڪاميابي جي پويان منهنجي مڙس جو وڏو هٿ آهي: حرا ماني

 

ڪراچي(شوبز نيوز) پاڪستاني اداڪاره حرا ماني پنهنجي مشهوري جو ڪريڊٽ پنهنجي مڙس سلمان شيخ عرف ماني جي مٿي تي سچائيندي چيو آهي ته اڄ مان جيڪا ڪجهه به آهيان جيئن به آهيان ۽ جيتري به مشهور آهيان اها پنهنجي مڙس جي ڪري آهيان.رپورٽ موجب حرا ماني جو شمار پاڪستان ڊرامه انڊسٽري جي موجوده دور جي مشهور ترين اداڪارائن ۾ ٿيندو آهي. ڪامياب ڊرامي(دو بول) کان پوءِ هاڻ حرا ماني هڪ ٻئي سپرهٽ ڊرامي(ميري پاس تم هو) ۾ هانيه نالي ٽيچر جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي جنهن کي ماڻهن طرفان تمام گهڻو پسند ڪيو پيو وڃي.حرا ماني هڪ وڊيو پيغام جي ذريعي پنهنجي ڪاميابي جو سهرو ماني جي مٿي تي سجائيندي چيو آهي ته اڄ کان 11 سال اڳ جڏهن مان هڪ عام ڇوڪري هئس جنهن هڪ مشهور شخص سان شادي ڪئي هئي ۽ ماني جي زال جي نالي سان سڃاتي ويندي هئي. ان وقت مون کي هڪ شو ۾ آفر ٿي جنهن مون کي ڊپ ۾ وجهي ڇڏيو هو ته مان اهو ڪري به سگهندس يا نه پر ان وقت منهنجي مڙس ماني مون کي يقين ڏياريو ته حرا سڀ ڪجهه ٿي سگهي ٿو.ان ڪري مان اڄ جيڪا ڪجهه به آهيان پنهنجي مڙس جي ڪري آهيان. هن مون ۾ ڪاميابي جو اعتماد جاڳايو جنهن کان پوءِ مون ۾ مختلف ٽي وي ڊرامن ۽ شو ۾ ڪم ڪرڻ جو جذبو پيدا ٿيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *