محمد زبير کي سنڌ جو 32 هون گورنر مقرر ڪرڻ جو آخري فيصلو، جلد قسم کڻندو

اسلام آباد (م.ڊ) وفاقي حڪومت پاران محمد زبير کي سنڌ جو نئون گورنر بڻائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته وفاقي حڪومت سرڪار پاران ن ليگ اڳواڻ محمد زبير کي سنڌ جو نئون گورنر مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، محمد زبير هِن وقت خانگائڻ واري ڪميشن جو چيئرمين آهي، محمد زبيرن جو چوڻ هو ته سنڌ سڀ کان وڌيڪ حساس صوبو آهي، ن ليگ اڳواڻ سينيٽر نهال هاشمي جو چوڻ آهي ته محمد زبير کي سنڌ جو نئون گورنر مقرر ڪرڻ بابت آخري فيصلو ڪيو ويو آهي، اهڙو فيصو وزيراعظم نواز شريف ۽ صدر ممنون حسين جي ملاقات دوران ڪيو ويو، خميس جي ڏينهن امڪان آهي ته محمد زبير پنهنجي عهدي جو حلف پڻ کڻي وٺي.36

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *