اسيمبلي جو ماحول بهتر بڻائڻ سڀني پارٽين جي ذميواري آهي: خواجا آصف

اسلام آباد (اين اين آءِ) پاڻي ۽ بجلي جي وفاقي وزير خواجه محمد آصف چيو آهي ته عمران خان کي پاناما ڪيس ۾ شڪست نظر اچي رهي آهي، ان لاءِ قومي اسيمبلي جو ماحول خراب ڪرڻ چاهي ٿو، سومر تي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته هو پاناما ڪيس جي ڪارروائي تي نه ڳالهائيندي پر ايترو ضرور چوندو ته خان صاحب کي ان ڪيس ۾ شڪست نظر اچي رهي آهي ان لاءِ هو قومي اسيمبلي جي ماحول کي خراب ڪري رهيو آهي، ماحول کي خراب ڪرڻ جي شروعات پي ٽي آءِ نعرن سان ڪئي، پي ٽي آءِ جا ميمبر اسيمبلي جي ڊيسڪن تي چڙهي قومي اسيمبلي جي توهين ڪئي آهي، هن چيو ته اها ذميواري قومي اسيمبلي ۾ موجود سياسي پارٽين تي لاڳو ٿئي ٿي ته اهي اسيمبلي جي ماحول کي خوشگوار رکن، پارليامينٽ ۾ موجود سمورين سياسي پارٽين سان اهو معاهدو ٿيو هو ته جيڪڏهن قومي اسيمبلي ۾ 2 اپوزيشن جا ميمبر ڳالهائيندا ته اسان پاران ن ليگ جو هڪ ميمبر ان جي جواب ۾ پنهنجي ڳالهه ڪندو پر پي ٽي آءِ معاهدي جي خلاف ورزي ڪندي نعريبازي ڪئي جيڪو انهن کي زيب نٿو ڏئي، جيڪڏهن قومي اسيمبلي جو ماحول بهتر ٿيندو ته ڪارروائي سٺي نموني اڳتي وڌي سگهندي، جنهن سان پارليامان جو ادارو بهتري ڏانهن گامزن ٿيندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *