متحده کي مشروط آڇ، عمران حڪومت ڪيرايو سنڌ ۾ وفاق جيتريون وزارتون وٺو: بلاول زرداري

ڪراچي  (اين اين آءِ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو چيو آهي ته ايم ڪيو ايم تحريڪ انصاف کان اتحاد ختم ڪري ۽ حڪومت ڪيرائڻ ۾ مدد ڪري، ڪراچي ۽ ان جي عوام لاءِ جيتريون وزارتون وفاق ۾ ايم ڪيو ايم وٽ آهن اسان سنڌ ۾ ڏيڻ لاءِ تيار آهيون، ڪراچي جي عوام کي خبر آهي ته عمران خان کين دوکو ڏنو آهي، ان جو هر هڪ واعدو ڪوڙو نڪتو آهي، وفاق جي گيس جي پاليسي جي مزاحمت ڪريون ٿا، اسان جي صوبي جو حق کاڌو پيو وڃي، توهان اتان گيس کسي رهيا آهيو جتان گيس پيدا ٿي رهي آهي، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام مان 8 لک ماڻهو ڪڍيا ويا آهن، سنڌ حڪومت ان معاملي کي عدالت ۾ چئلينج ڪري، غريب کان هڪ هزار رپيا کسيندڙ سياستدانن تي لعنت هجي، اهڙن خيالن جو اظهار هن سومر تي ڪراچي ۾ 4 ترقياتي رٿائن جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو، بلاول ڀٽو چيو ته هن رٿا کي لانڍي ۽ ڪورنگي جي اسان جي شهيدن جي نالي ڪرڻ چاهيندس، سنڌ حڪومت ڏکين معاشي حالتن جي باوجود سڄي صوبي ۾ ڪم ڪري رهي آهي، پرڏيهي مگيزين سنڌ حڪومت جي هن پاليسي کي ساراهيو آهي، هن چيو ته اسان چاهيون ٿا ته ڪراچي ۾ ترقي ٿئي، ڇو ته هتي سڄي پاڪستنا جا هر صوبي مان ماڻهو اچي آباد ٿين ٿا، اسان کي ضرورت موجب وسيلا نٿا ڏنا وڃن جنهن لاءِ اسان کي وفاق کان حصو کسڻو پوندو، پ پ چيئرمين چيو ته بينظير ڀٽو جي آندل پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي طريقي تي هلڻ تي ڪراچي ۾ صلاحيت آهي، اسان گڏجي سوچڻو پوندو ته ڪيئن ڪراچي لاءِ ڪم ڪري سگهنداسين، معاشي صورتحال خطرناڪ آهي، هن چيو ته وفاقي حڪومت بينظير انڪم سپورٽ پروگرام مان 8 لک ماڻهن کي ڪڍڻ جو فيصلو ظلم آهي ۽ پ پ ان جي مزاحمت ڪري ٿي، غريبن لاءِ ڏينهون ڏينهن ڏکيائيون وڌي رهيون آهن، سنڌ حڪومت ان معاملي کي عدالت ۾ چئلينج ڪري، هن چيو ته سکر ۾ ٿڌ جو 25 سالن جو رڪارڊ ٽٽي ويو آهي، هن سخت ٿڌ ۾ ڪچي آبادي ۾ رهندڙ ماڻهن کي زبردستي گهرن کان بي گهر ڪيو ويو، مان سمورن عدالتي فورمز تي هن موسم ۽ هن وقت ۾ انڪروچمينٽ جو ڪم روڪڻ جي اپيل ڪريان ٿو ۽ ڪراچي جي ميئر کي اپيل ڪريان ٿو ته سخت ٿڌ ۾ هن ڪم کي روڪيو وڃي، بلاول ڀٽو چيو ته جيڪي وفاقي وزير بيان ڏئي رهيا آهن اهي وفاق دشمن آهن انهن کان استعيفيٰ ورتي وڃي، جيڪڏهن انهن کان استعيفيٰ نه ورتي وئي ته اسان سمجهنداسين ته توهان انهن جي موقف کي سپورٽ ڪري رهيا آهيو، هن چيو ته مان ايم ڪيو ايم جي ساٿين کي چوڻ چاهيان ٿو ته جيڪو ظلم ڪراچي جي خلاف ٿي رهيو آهي اهو روڪي سگهجي ٿو، وفاقي حڪومت سان اتحاد ختم ڪريو، عمران جي حڪومت کي ڪيرايو، وفاق ۾ جيتريون وزارتون ايم ڪيو ايم وٽ آهن اسان کين سنڌ ۾ ڏيڻ لاءِ تيار آهيون پر شرط اهو آهي ته عمران خان کي گهر ڀيڙو ڪيو، هن چيو ته اميد آهي ته اڄ نه ته سڀاڻي کين اهو فيصلو ڪرڻو پوندو، پاڪستان کي بچائڻ پوندو ۽ نيا پاڪستان کي ختم ڪرڻو پوندو، ان کان اڳ بلاول ڀٽو ڪراچي جي 4 رٿائن جو افتتاح ڪيو جيڪو هڪ ارب 74 ڪروڙ رپين جي لاڳت سان مڪمل ڪيون ويون، ڪورنگي اڍائي نمبر تي 33 ڪروڙ رپين جي لاڳت سان پل ٺاهي وئي، ڪورنگي 5 نمبر تي 33 ڪروڙ 40 لک لاڳت سان هڪ پل ٺاهي وئي، اهڙي نموني حيدر علي انڊر پاس جي ٺهڻ تي 66 ڪروڙ رپيا خرچ ڪيا ويا، جڏهن ته ڪينٽ اسٽيشن جي ڀرپاسي تي رستا ٺهڻ تي 42 ڪروڙ رپيا خرچ ڪيا ويا.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *