قانون جي بالادستي کي يقيني بڻايو ويندو، حڪومت ڪنهن کي خوش ڪرڻ لاءِ ڪم نه ڪندي: فردوس عاشق

اسلام آباد (اين اين آءِ) سنڌ سماءَ جي خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته ڀارت جي موجوده حالتن ٻه قومي نظريي جي حقيقت ثابت ڪري ڇڏي آهي، ٻه قومي نظريي تي قائد اعظم جا سدائين احسان مند رهنداسين، عمران خان جي اڳواڻي ۾ قائد جو پاڪستان محفوظ هٿن ۾ آهي، ملڪ کي مدي خارج نظام کان نجات ڏيارڻ لاءِ سڌارن تي عمل ڪري رهيا آهيون، سومر تي فردوس عاشق اعواڻ تقريب ۾ خطاب ڪندي چيو ته قائد جي شخصيت ۽ تحريڪ کي تصويري انداز ۾ پيش ڪرڻ تي انتظاميا کي مبارڪ ڏيان ٿي، تحريڪ پاڪستان سان لاڳاپيل قيمتي اثاثي کي ايندڙ نسل تائين منتقل ڪرڻ اسان جو فرض آهي، هن چيو ته سڌ سماءَ جي وزارت هن قومي فرض کي بهتر نموني سان ادا ڪري رهي آهي، هن چيو ته وزيراعظم عمران خان ٻارن جي بدران قوم جي ڳڻتي ۾ آهي، هن چيو ته نيب قانون ۾ ترميم جو مقصد قومي ترقي جو ڦيٿو تيز ڪرڻ آهي، هن چيو ته اپوزيشن نيب آرڊيننس کي پڙهڻ کانسوائي تنقيد ڪري رهي آهي، هن چيو ته اين آر او متعارف ۽ فائدو وٺندڙ به نيب آرڊيننس تي تنقيد ڪري رهيا آهن، فردوس عاشق اعواڻ چيو ته نيب آرڊيننس ۾ ايماندار ماڻهن جو تحفظ ڪيو ويو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *